اسان جي ڪيترن ئي دوستن ۽ سماجي واسطيدارن جو خيال آهي ته هن وقت پاڪستان ۾ عمران خان ۽ تحريڪ انصاف اسٽيبلشمينٽ مخالف سياست جو چهرو آهن، تنهنڪري اختلاف باوجود به انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي. اهي دوست ۽ واسطيدار پنهنجي موقف جي حمايت ۾ جيڪي دليل پيش ڪن ٿا، تن مان اهم ترين اهو آهي ته، “اوهان ڏسو، عمران خان گهڻي وقت کان جيل ۾ آهي، پر هن همٿ نه هاري آهي، بلڪه ثابت قدمي سان بيٺو آهي”. ڪن دوستن جو خيال آهي ته “هن وقت عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي مخالفت ڪرڻ، اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪرڻ جي برابر آهي”.
اتفاق سان مان انهن ٻنهي ڳالهين سان متفق ناهيان. پهرين ته اها ڳالهه ته عمران خان ثابت قدمي سان بيٺو آهي، ٻي ته اها ته سندس مخالفت اسٽيبلشمينٽ جي حمايت آهي. حقيقت ته اها آهي ته عمران خان پهرين ڏينهن کان ئي اسٽيبلشمينٽ سان تعلقات بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. اهو پهريون ڏينهن ڊسمبر 2022ع جو هو، جڏهن شاهه محمود قريشي جي اڳواڻيءَ ۾ تحريڪ انصاف جي پنج رڪني وفد نئين آرمي چيف سان ملاقات ڪئي ۽ عمران خان جي ڪجهه بيانن ۽ تقريرن جي وضاحت پيش ڪئي. انهن ڏينهن ۾ ئي مون انهن ملاقاتن بابت لکندي عرض ڪيو هو ته، “مخدوم صاحب چٻاڙيل اردوءَ کي انگريزيءَ جو لشڪارو لڳائي ڳالهه ڪئي، پوءِ هڪ آڊيو ٽيپ تحريڪ انصاف جي وفد کي ٻڌرائي وئي، جنهن ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون هيون، جو پنجن ئي رڪنن کي اهو ٻڌي ڀنواٽيون اچڻ لڳيون”.
اپريل 2022ع ۾ جڏهن عمران خان وزيراعظم جي عهدن تان رخصت ٿيو، ته هڪ پاسي هو آرمي چيف، آمريڪا ۽ سياسي مخالفن خلاف گجگوڙون ڪري رهيو هو، ته ٻي پاسي ساڳئي وقت پنهنجي پارٽي سان واسطو رکندڙ صدرِ مملڪت عارف علويءَ جي ذريعي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ملاقاتون ڪيون، جن مان ٻه ايوان صدر ۾ ۽ ٽئين ملاقات آبپاره جي ويجهو هڪ آفيس ۾ ٿي. انهن ملاقاتن جي “صدقي” اهو ٿيو ته جولاءِ 2022ع ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊن ۾ جنرل باجوه جي ماتحت ادارن تحريڪ انصاف جي اميدوارن لاءِ داءُ پيچ کيڏيا. اهي مثال انهن ڏينهن جا آهن، جڏهن عمران خان اگهاڙي تلوار بڻجي هر مخالف ۽ آمريڪا جو ڪنڌ ڪورڻ تي هوڏ ٻڌي بيٺل هو. هو اڄ به ملٽري اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئه ڪرڻ چاهي ٿو “پنهنجي لاءِ نه، بلڪه ملڪ لاءِ، جيڪو هن جي خيال موجب تباهه ٿي چڪو آهي” ۽ سندس مجنون ان خيال جا آهن ته، ان تباهه ٿيل پاڪستان کي صرف عمران خان ئي ٻيهر سنڀالي سگهي ٿو. ڪيئن؟ جيئن هن پنهنجي وزارت عظميٰ جي آخري مهينن ۾ آءِ ايم ايف سان ٿيل 2021ع جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي بجلي ۽ پيٽرول تي سبسڊي ڏني هئي ۽ سندس ديوانن آسمان مٿي تي کنيو هو!
اڳتي وڌڻ کان اڳ ٻه ڳالهيون عرض ڪريان: پهرين اها ته، ڊسمبر 2022ع ۾ تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ملاقات ۾ ٻڌايل آڊيو کانپوءِ جيڪو مشورو ڏنو ويو، سو تقريباً اهو هو ته پنهنجي اڳواڻ کي زبان تي ڪنٽرول ڪرڻ سيکاريو. ٻي ڳالهه اها ته مان پهرين ڏينهن کان ئي عمران خان خلاف عدم اعتماد جي تحريڪ آڻڻ جو مخالف هوس. پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي اقتدار دوران مسلسل هنن سِٽن ۾ پنهنجي راءِ پيش ڪندو رهيس. ٻيهر عرض آهي ته منهنجي راءِ هئي ته اپريل 2022ع ۾ عمران خان کي هٽائڻ جو وقت مناسب نه هو، ٿورو انتظار ڪيو وڃي ها ته بجيٽ واري مرحلي تي تحريڪ انصاف ۽ اسٽيبلشمينٽ جي پاڻهي اچي منهن ڀر ڪِرڻ جا اسباب پيدا ٿي وڃن ها. پي ڊي ايم وارا گڏجي (خصوصاً پيپلز پارٽي) اسان کي هڪ سازش جي ڪهاڻي ٻڌائيندا هئا ته جنرل باجوه، جنرل فيض حميد ۽ عمران خان 2030ع تائين اقتدار ۾ رهڻ جو منصوبو جوڙي چڪا هئا، ۽ عدم اعتماد جي تحريڪ ان منصوبي کي ناڪام بڻائڻ لاءِ آندي وئي هئي.
اسان اڳتي وڌون ٿا. ڇا اها حقيقت ناهي ته تحريڪ انصاف جي ٻن صوبن (پنجاب ۽ خيبر پختونخوا) جي خزاني وارن وزيرن آءِ ايم ايف کي پي ڊي ايم حڪومت خلاف خط لکيا؟ اهي خط ڪهڙي سياسي اخلاق سان مطابقت رکندا هئا؟ يقيناً تحريڪ انصاف سان زيادتيون ٿيون، خاص ڪري فيبروري 2024ع جي عام چونڊن ۾، پر ڇا اهڙي ئي زيادتي 2018ع جي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي حق ۾ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) خلاف اسٽيبلشمينٽ نه ڪئي هئي؟ هتي اسان ان ڳالهه تي بحث نٿا ڪريون ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان کي 22 سالن جي جدوجهد مان ڇا حاصل ٿيو، ۽ جڏهن 2011ع ۾ اسٽيبلشمينٽ انهن کي هنج ورتو، تڏهن ڪيئن ڏينهن ٻيڻي ۽ رات چؤڻي ترقي ٿي.
عمران خان اڄ به سياسي مخالفن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهي. هو خيبر پختونخوا جي چونڊ نتيجن کي پاڪ صاف، زم زم جي پاڻيءَ سان ڌوتل ۽ باقي ٽي صوبن جي نتيجن کي فارم 47 جي پيداوار سمجهي ٿو. سندس گذريل سوا سال کان سندس بيانيو اهوئي آهي. هو ٻين (مخالفن) تي چوري، ڪرپشن ۽ ڦرلٽ جا الزام هڻندو هو، پوءِ هڪ ڏينهن چيائين ته کيس ايجنسين ڪرپشن جا ثبوت ڏيکاريا هئا. هاڻ هو پاڻ به اهڙن الزامن جي زد ۾ آهي، ۽ ڪجهه ڪيسن ۾ سزا يافته به آهي، پر هو ۽ سندس حمايتي انهن ڪيسن ۽ سزائن کي انتقام قرار ڏين ٿا. سندس حامين جو خيال آهي ته جيڪو اڄ عمران خان سان ناهي، سو اسٽيبلشمينٽ جو ٽائوٽ آهي. ساڳئي وقت عمران خان پاڻ انهيءَ اسٽيبلشمينٽ سان معاملا طئه ڪرڻ لاءِ پنهنجن ڪجهه ساٿين ۽ ٽياڪڙن کي استعمال ڪري رهيو آهي، جن مان هڪ “عظيم جمهوريت پسند” صحافي ۽ اينڪر پڻ شامل آهي. معاف ڪجو، مان عمران خان جي حمايت يا کيس اينٽي اسٽيبلشمينٽ سياست جو ديوتا مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. جنهن جو سبب اهو آهي ته، هو اڄ به “عطار جي ٻالڪ” کان ئي دوا وٺڻ کي ئي مرض جو علاج سمجهي ٿو.
عمران خان بدران اسٽيبلشمينٽ جي حمايت به ممڪن ناهي. ڇو ته هن ملڪ ۾ اسٽيبلشمينٽ ئي اصل طاقت آهي، جنهن حقيقي جمهوري نظام کي اسرڻ ئي نه ڏنو. اسٽيبلشمينٽ جو انتظام پابند جمهوريت يعني طبقاتي نظام سان هلي ٿو. ان کي ماڻهن جي بنيادي حقن، شهري ۽ سياسي آزادين، مقامي وسيلن تي مقامي ماڻهن جي حق، انصاف ۽ مساوات سان ڪڏهن تِرَ جيتري به دلچسپي نه رهي آهي. ان جي اڳيان ٻه مقصد هوندا آهن: اول، پنهنجي گرفت برقرار رکڻ؛ ۽ ٻيو، ملڪي وسيلن جو وڏو حصو سيڪيورٽي اسٽيٽ لاءِ مخصوص ڪرائڻ. پنهنجي پنهنجي دور ۾ طبقاتي نظام ۾ نوڪري ڪندڙن اهي ڪم خوشيءَ سان ڪيا ۽ هاڻي به ايمان جي اٺين رڪن طور سرانجام ڏنا پيا وڃن. اسٽيبلشمينٽ جي ان ڪردار جي ڪري ئي رياست ۽ شهرين جي وچ ۾ بي اعتمادي جي وڇوٽي وقت گذرڻ سان ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي. خيبر پختونخوا، بلوچستان، سنڌ ۽ سرائڪي وسيب ۾ ان بي اعتمادي سبب پيدا ٿيندڙ مسئلا ڳنڀير ٿيندا پيا وڃن. وچولي ۽ مٿئين پنجاب ۾ به سڀ ڪجهه ٺيڪ ناهي، پر ردعمل ٻين علائقن وانگر ناهي. مثال طور، پنجاب جا دوست، بلوچ مسئلي کي زميني حقيقتن جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ بدران غير رياستي عسڪريت پسندن جي ڏوهن جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. جڏهن ته منهنجي راءِ ۾ عسڪريت پسندي عوام دشمن آهي. پنجاب کي ان تي سنجيده مڪالمو شروع ڪرڻو پوندو ته بلوچستان ۾ غير رياستي عسڪريت پسندي ڇو جنم ورتو؟
اسين ان تي ڳالهائي رهيا هئاسين ته ڇا عمران خان سان اختلاف اهو بنياد فراهم ڪن ٿا ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪئي وڃي؟ منهنجي خيال ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. ان کي سمجهڻ لاءِ عمران خان ۽ سندس حامين جي روين ۽ سياسي مخالفن بابت سطحي راءِ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. صاف ۽ سڌن لفظن ۾ ائين چئجي ته اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪرڻ جو مطلب آهي ته اوهان ذهني طور تسليم ڪري وٺو ٿا ته سيڪيورٽي اسٽيٽ ئي حرف آخر آهي. جڏهن ته هن طالب علم جي راءِ آهي ته سيڪيورٽي اسٽيٽ ۽ ان جي ڇپر ڇانوَ ۾ هلندڙ نظام، ٻئي عوام جي توهين آهن. تنهنڪري عوام جي توهين جي ڏوهه کان پاند بچائي، جيئڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. مان به اهو ئي ڪري رهيو آهيان.