عمران خان، اسٽيبلشمنٽ ۽ آمريڪا

0
69
اسلام آباد ڊي چوڪ تي رليز ٿيندڙ فلم ڌرڻو پارٽ ٽو

 تحريڪ عدمِ اعتماد جي نتيجي ۾ وزيرِ اعظم جي منصب تان هٽڻ کانپوءِ عمران خان جو ملتان وارو جلسو ۽ ان کان اڳ جيڪي به ٽي چار جلسا هن ڪيا آهن انهن ۾ سواءِ پراڻي پِٽڪي ۽ نئين ناٽڪ جي، يعني هن کي هٽائڻ واري تحريڪ عدمِ اعتماد، بقول سندس جي ته اها تحريڪِ عدم اعتماد نه پر هن خلاف ملڪي ۽ عالمي سازش هئي ته جيئن پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ کان روڪي سگهجي. هن جي جلسن ۾ اهي ڪهڙيون نيون ڳالهيون آهن جن جي باري ۾ اسان سڀ نٿا ڄاڻون. يا ذڪر ڪرڻ جي ٻي ڪهڙي نئين ڳالهه آهي جيڪا هاڻي هن کي ٻيهر ساڳي ڪرسي تي ويهاريندي! ملتان واري جلسي ۾ جتي هن ساڳين ڳالهين جو ورجاءُ پئي ڪيو اتي مريم نواز جي حوالي سان جيڪي گٿا لفظ زور زور ڏئي ورجايا اهي ڪنهن به حوالي يا حساب سان مناسب ڪونه هئا. قومن جا اڳواڻ ۽ ملڪن جا سربراهه جيڪڏهن هن قسم جي زبان استعمال ڪن ته پوءِ عام ماڻهوءَ تي ميار ڪهڙي!

  عمران خان جي زبان ڪلهه به ساڳي هئي، وزيرِ اعظم بڻجڻ بعد به ساڳي رهي ۽ جڏهن ڪرسي تان هيٺ لٿو آهي تڏهن به ساڳي آهي. ڳالهه هي آهي ته ماڻهو عام هجي يا خاص جنهن وٽ ڪنهن به عورت جي عزت ڪرڻ جي لاءِ ٿوري گهڻي سمجهه ۽ تميز هوندي اهو هنن اڳواڻن جي هن قسم جي بيانن کي ڀلي سياستدانن وانگر وڏي واڪي نندي نه به صحيح پر سٺو ڪونه سمجهندو ۽ پنهنجي ووٽ جو استعمال ڪرڻ کان اڳ سئو ڀيرا سوچيندو ضرور. هتي هي به حقيقت آهي ته جلسن ۾ هزارن جي تعداد ۾ موجود ماڻهو ضروري ناهي ته اهي سڀ جا سڀ ان پارٽي جا حمايتي هجن جنهن پاران جلسو ڪيو پيو وڃي. ٻيو هي به ڪڙي سچائي آهي ته وڏا وڏا جلسا ڪنهن به پارٽي جي هار يا جيت جا فيصلا ناهن ڪندا جن جي بنياد تي عمران خان صاف، شفاف ۽ منصفاڻين چونڊن جو مطالبو بار بار ڪري رهيو آهي ۽ نيوٽرل هجڻ وارن کي چتاءُ ڏئي رهيو آهي ته اهي پنهنجي نيوٽرل هجڻ واري موقف ۽ ساک کي برقرار رکن. مطلب هي ٿيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻڻ ۽ حڪومت پاران مطالبا نه مڃڻ جي صورت ۾ مان جيڪو ڪجهه به ڪريان ان لاءِ منهنجو رستو نه روڪيو وڃي. ملڪ جي معاشي حالت ڇا هن قسم جي بي وقتي مهم جي اجازت ڏئي ٿي؟ عمران خان کان وڌيڪ هن ڳالهه کي ٻيو ڪير ڄاڻيندو ۽ سمجهندو هوندو!

پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ بڻجي چڪو آهي جتي صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿيڻ ڪنهن ديواني جي خواب وانگي خواب ئي رهنديون. يا ايئن کڻي چئون ته هي اهڙو ڏکيو ڪم آهي جيڪو جيترو به صاف، شفاف يا منصفاڻو ڪيو ويندو ايتروئي تڪراري بڻجي ويندو ڇاڪاڻ جو ملڪ جي ٺهڻ  واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين سياستدانن، عام خاص ادارن، ۽ ڪورٽن عوام جي وچ ۾ سدائين نيپولين بونا پارٽ جي جڳ مشهور قول وانگي بداعتمادي کي هوا پئي ڏني آهي ۽ اها بداعتمادي ايڏي ته پڪي پختي ٿي چڪي آهي جو اسان سئو سئو ڀيرا پاڪ ڪتاب مٿي تي کڻي قسمَ کڻون تڏهن به عام ماڻهو اسانجي ڳالهه جو اعتبار شايد ڪري. سو ممڪن ئي ناهي ته صاف، شفاف ۽ منصفاڻيون چونڊون ٿين.

جڏهن کان عمران خان ڪرسي تان لٿو آهي ته هن سان گڏ سندس جي ساٿين جا منهن به لٿن آهن. ظاهر آهي چونڊن ۾ وڃڻ ۽ ڀرپور ڪاميابي سان کٽڻ جو يقين ته ڪنهن به پارٽي کي ناهي هوندو. سڀ پارٽيون سدائين اسٽيبلشمنٽ طرف ئي ڏسنديون آهن پر منهن جي پڪائي کان جلسن ۽ پريس ڪانفرسن ۾ وڏي واڪي عوامي مورال بلند رکڻ جي لاءِ اهڙيون ڳالهيون عام جام ڪيون وينديون آهن. جڏهن نتيجا سامهون ايندا آهن ته وڌيڪ نشستون کڻڻ واري پارٽي سرهي ته گهٽ کڻڻ واري يا هارائڻ واري پارٽي ڌانڌلي جا الزام هڻڻ شروع ڪري ڏيندي آهي سواءِ هن جي ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ (ن) ۽ پي ٽي آئي ٽنهي مان ڪنهن هڪ پارٽي پاران وڌ ۾ وڌ نشستون کٽڻ ۽ کڻڻ جي صورت ۾ ٻين ننڍين وڏين ۽ آزاد ميمبرن سان اتحاد ڪري ملڪي ۽ عالمي اسٽبلشمينٽ جي رضامندي سان حڪومت تشڪيل ته ڏني ويندي پر اها سواءِ پنهنجي مخالفن خلاف باهه ٻارڻ جي ٻيو ڪوبه اهڙو ڪم ڪونه ڪندي يا ڪري سگهندي جيڪو عوامي ۽ ملڪي مفاد ۾ هجي ۽ جنهن جي زور تي يعني عوامي فلاحي ڪارڪردگي جي بنياد تي ڪنڌ مٿي کڻي ٻيهر چونڊن ۾ پنهنجي قسمت آزمائي ڪري ۽ سوڀاري ٿئي. اسان سڀني ماضي بعيد ۾ يا ماضي قريب ۾ اهوئي ڪجهه ته ڏٺو وائٺو آهي.

سال 2000ع کان وٺي 2022ع تائين جيڪي سياسي يا منظورِ نظر سياسي پارٽيون حڪومت ۾ رهيون آهن انهن کي چونڊن ۾ شڪست پلئه پئي آهي سواءِ پي ٽي آئي جي جنهن جي سربراهه کي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آئيني رستي جي ذريعي وزيرِ اعظم جي عهدي تان هٽايو ويو ۽ ان جي نتيجي ۾ اسان سندس وڏا وڏا جلسا ڏسي رهيا آهيون جن لاءِ گهڻن جو خيال آهي ته عمران خان ايندڙ چونڊن ۾ سوڀارو ٿيندو ۽ صرف پي ٽي آئي ئي واحد اڪيلي پارٽي ٿي ملڪ تي راڄ ڪندي، ملڪ کي قرضن جي مصيبتن مان ڌڪي ٻاهر ڪڍندي ۽ عوام جي فلاح جي لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيندي. ممڪن آ جيڪڏهن پنجاب جو اڪثريتي ووٽ پي ٽي آئي کي پئي ٻيو پوري ملڪ ۾ خاص طور تي عورتن ۽ نوجوانن جي دل و دماغ ۾ عمران خان جي لاءِ جيڪا همدردي جي لهر جڙي رهي آهي شايد اها ڪم ڪري وڃي!

پاڪستان جي سياسي تاريخ ۽ چونڊن جي ماحول جو جيڪڏهن جائزو ورتو وڃي ته اسان کي معلوم ٿيندو ته هر پارٽي جيڪا ميدان کان ٻاهر هوندي آهي اها اڍائي ڪارڊ ته مزي سان کيڏندي آهي. هڪ مذهبي ڪارڊ، ٻيو آمريڪا مخالف ڪارڊ ۽ اڌ ڪارڊ اسٽيبلشمنٽ کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارو. اڌ ڪارڊ انهيءَ ڪري جو هنن سڀني کي چڱي طرح سان خبر آهي ته حڪومت جون واڳون ان جي رضامندي کانسواءِ ناهن ملنديون اها ٻي ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي اڃان تائين پهرين ٻن ڪارڊن کان ته پري رهندي آئي آهي پر اڌ ڪارڊ ضرور کيڏندي آهي ٻيو هي ته جيئن ته هن جو تعلق سنڌ سان آهي ۽ سنڌ پاڪستان ۾ واحد خطو آهي جنهن کي هر قسم جا دڙڪا (چئلينجز) درپيش آهن سو پيپلز پارٽي جڏهن ڪڏهن به سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿي ته هن تي سنڌ ڪارڊ کيڏڻ جي تهمت لڳندي رهي ٿي جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي ڪڏهن به سنڌ ڪارڊ نه پر سدائين پاڪستان ڪارڊ کيڏيو آهي.

هاڻي جڏهن اسان عمران خان جي هاڻوڪي جلسن کي ڏسئون ۽ ٻڌون ٿا ته اسان کي اهي اڍائي ڪارڊ خوب کيڏندي نظر اچن ٿا. جلسو ملتان جو هجي يا پشاور ڪراچي جو هن پاران مذهبي، آمريڪا ۽ اسٽبلشمينٽ مخالف ڪارڊ خوب کيڏيو پيو وڃي. هجڻ ته ايئن گهرجي ها ته هو پنهنجي حڪومت جي چار سالن جي ڪارڪردگي تي ڳالهائي ها ۽ ايندڙ چونڊن ۾ سوڀارو ٿيڻ جي صورت ۾ پنهنجي پروگرام جي باري ۾ عوام کي آگاهي ڏئي ها پر هن ايئن نه ڪيو.

عمران خان هڪ اهڙي سوچ جو شڪار آهي جنهن ۾ “مان” جو عنصر غالب نظر اچي ٿو. اها مان هن کي ٻئي کي تسليم ڪرڻ کان پري ڪري ٿي پر جڏهن اسان هن جي ويجهي ماضي جي مان جو جائزو وٺون ٿا ته حڪومتي تشڪيل جي لاءِ هن کي پنهنجي مان کي ڪيئن پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙڻڻو پيو ۽ سخت کان سخت مخالف کي يا هي جنهن کان سخت قسم جي نفرت ڪندڙ هو جهڙوڪ پنڊي وارو شيخ صاحب ۽ ڪراچي واري تنظيم، انهن سان ڀاڪر پائي پهرين کي گهرو وزارت ته ٻئي کي نفيس چوڻ لڳو. جيڪي ڳالهيون بطور هڪ مخالف اڳواڻ جي هو ڪندو رهندو هو حڪومت جو واڳون سنڀالڻ بعد ملڪي مفاد جي نالي ۾ انهن تان ايئن هٿ کڻي ويو ڄڻ هن ڪجهه چيو ئي ڪونه هو جيئن کنڀيل ماڻهن جي ڳالهه ڪرڻ ۽ انهن جي رشتيدارن جي ڪيمپن جا دورا ڪرڻ. سو پاڪستان ۾ هر سياسي پارٽي جيڪا اقتداري ڊڪ ڊوڙ ۾ شامل آهي اها بلڪل ان هاٿي وانگي آهي جنهن جي کائڻ ۽ ڏيکارڻ جا ڏند الڳ الڳ هوندا آهن.

سڀني سياسي توڙي مذهبي پارٽين کي ملڪ کي مسئلن مان ڪڍڻ جي لاءِ گريٽ ڊبيٽ ڪرڻ ۽ ڪرائڻ گهرجي باقي جيڪو حال نظر اچي رهيو آهي اهو نه ملڪ ۽ عوام لاءِ سٺو آهي نه هڙني پارٽين جي مستقبل جي لاءِ ڇاڪاڻ جو ملڪ کي هن حال تائين پهچائڻ لاءِ صرف اڪيليون سياسي يا مذهبي پارٽيون ذميدار ناهن. پر انهن ادارن کان به پڇاڻو ٿيڻ گهرجي جن مان هڪڙن “ملڪي مفاد” جي نالي ۾ چونڊيل حڪومتن کي گهر ڀيڙو ڪيو ته ٻين ان غلط ڪم کي “نظريه ضرورت” جي آڙ وٺي قانوني ۽ اخلاقي جواز پئي فراهم ڪيو.

عمران خان لاءِ به بهتري هن ڳالهه ۾ آهي ته هو پنهنجي مخالف ماڻهن جي حڪومت کي هلڻ ڏئي ڇاڪاڻ جو هي پندرنهن مهينا هنن جي لاءِ ڪنهن ڪڙي گوري کائڻ کان گهٽ ڪونه آهن. اهي عمران خان کي هٽائي چاهي پوءِ ان جي پويان ڪهڙي به ڪهاڻي گهڙيل هجي هڪ عظيم غلطي ڪري ويٺا آهن جيڪڏهن عمران خان جي پي ٽي آئي جي حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري ها ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي ته اها 2023ع جي چونڊن ۾ سوڀاري ٿئي ها. پر هاڻي جڏهن هي سڀ عمران مخالف ماڻهو حڪومت ۾ آهن ته حقيقت ۾ هنن پنهنجي پيرن تي پاڻ ڪهاڙو هڻي پنهنجي پنهنجي سياسي موت جو ٻج پوکي ڇڏيو آهي ۽ خانصاحب جي لاءِ رستو صاف ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾ وري به پيپلز پارٽي کي کٽرايو ويندو پر پنجاب ۾ نون ليگ ۽ عمران خان آمهون سامهون هوندا. خوف ٻنهي ڌرين وٽ آ. عمران خان کي هي خوف ته متان هي اتحادي حڪومت ڪجهه اهڙا ڪم ڪري وڃي جنهن جي آڌار تي اها ايندڙ چونڊن ۾ سوڀاري ٿئي ۽ اتحادي حڪومت کي هي خوف ته متان عمران خان اسان تي دٻاءُ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ۽ جنهن جي نتيجي ۾ گهڻو ممڪن آ ته هو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي وڃي.