اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ جي 4 سالن جي حڪومت دوران پرڏيهي ملڪن ۾ روزگار لاءِ اماڻيل پاڪستانين  جا صوبيوار تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش، سنڌ صوبي مان خيبر پختونخوا کان به گهٽ تعداد ۾ ماڻهو موڪلڻ جي تصديق، تفصيل موجب سمنڊ پار پاڪستانين بابت وفاقي وزير ساجد طوري پي ٽي آءِ حڪومت جي 4 سالن دوران حڪومتي ادارن پاران روزگار لاءِ پرڏيهه موڪليل پاڪستانين جا تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سال 2019ع کان سال 2022ع جي جون مهيني تائين 4 سالن دوران ملڪ کان مجموعي طور تي 15 لک 37 هزار 790 پاڪستانين کي پرڏيهه روگار لاءِ سرڪاري ادارن پاران موڪليو ويو، جن مان پنجاب صوبي مان 8 لک 21 هزار 551، ٻئي نمبر تي خيبر پختونخوا صوبي مان 4 لک 39 هزار 313، سنڌ صوبي مان خيبر پختونخوا کان به  گهٽ رڳو هڪ لک 24 هزار 752، آزاد ڪشمير مان 63 هزار 807، اترين علائقن مان 4 هزار 550، قبائلي علائقن (اڳوڻي فاٽا) مان 72 هزار 438 جڏهن ته بلوچستان صوبي مان آزاد ڪشمير ۽ قبائلي علائقن کان به گهٽ ان عرصي دوران رڳو 14 هزار 30 بلوچستان جي شهرين کي روزگار لاءِ پرڏيهه موڪليو ويو، اسلام آباد مان 11 هزار 349 ماڻهن کي پرڏيهه روزگار لاءِ موڪليا ويا، تفصيلن ۾ چيو ويو آهي ته سال 2019ع ۾ پنجاب مان 3 لک 12 هزار 960، خيبر پختونخوا مان هڪ لک 86 هزار 283، سنڌ صوبي مان رڳو 57 هزار 206، بلوچستان مان 5 هزار 103 شهري روزگار لاءِ پرڏيهه ويا، سال 2020ع ۾ پنجاب مان هڪ لک 19 هزار 67، خيبر پختونخوا مان 68 هزار 382، سنڌ مان رڳو 17 هزار 93، بلوچستان مان 18 هزار 71، ماڻهو پرڏيهه موڪليا ويا، سال 2021ع ۾ پنجاب مان هڪ لک 57 هزار 699، خيبر پختونخوا مان 76 هزار 484. سنڌ صوبي مان رڳو 21 هزار 501، بلوچستان مان 2473 شهري اماڻيا ويا، سال 2022ع جون تائين پنجاب مان 2 لک 31 هزار 855، خيبرپختونخوا مان هڪ لک 8 هزار 164، سنڌ صوبي مان رڳو 28 هزار 952،  بلوچستان مان 4 هزار 583،  قبائلي علائقن مان 2  هزار 56، اترين علائقن مان 645 ماڻهو پرڏيهه اماڻيا ويا.