لاهور(م ڊ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ جوابدار نويد جي موبائيل فون جي فارنزڪ رپورٽ سامهون اچي وئي آهي. فارنزڪ رپورٽ  موجب جوابدار نويد جي فون مان ٻن مختلف ڪمپنين جون سمون هٿ آيون، جوابدار وٽ هڪ نمبر ” نه آهي، نه هوندو نه رهندو جي “ جي نالي سان سَيو هو، فون مان 138 فون نمبرن ۽ 1869 ڪالز جو رڪارڊ مليو. رپورٽ موجب جوابدر جي فون مان 337 ايس ايم ايس، 1956 تصويرون ۽ 212 وڊيوز مليون آهن جڏهن ته ڊيليٽ ڪيل ڊيٽا ريڪور نه ٿي سگهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار نويد جي فون جي آڊيو ۽ وڊيو جي ڊي وي ڊي ٺاهي جي آءِ ٽي جي حوالي ڪئي وئي آهي. رپورٽ ۾  جوابدار جي فون ۾ ٿائيلينڊ جو هڪ نمبر ۽ ٻن مقامي نمبرن کي  جاچ لاءِ اهم قرار ڏنو ويو آهي.