اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف چيئرمين جون 9 ڪيسن ۾ ٽرائل ڪورٽ کان ضمانت جون درخواستون رد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس طارق محمود جهانگيري محفوظ فيصلو ٻڌايو.

سيشن ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت عدم پيروي تي ضمانتون خارج ڪري ڇڏيون هيون، جڏهن ته پي ٽي آءِ چيئرمين انهن ڪيسن ۾ لاڳاپيل عدالتن جي حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان روڪڻ جي درخواست ڪئي هئي. هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جون عدم پيروي تي رد 9 درخواستون بحال ڪري ڇڏيون. فيصلي ۾ قرار ڏنو ويو آهي ته سموريون درخواستون لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽس ۾ بحال سمجهيون وينديون.