لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ زمان پارڪ ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گرفتاري لاءِ پوليس آپريشن روڪڻ واري حڪم ۾ اڄ تائين واڌ ڪري ڇڏي. گذريل ڏينهن عدالت پوليس آپريشن ڪالهه صبح 10 وڳي تائين روڪڻ جو حڪم ڏنو هو پر ڪالهه پوليس آپريشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي دوران لاهور هاءِ ڪورٽ چيو ته توهان گڏ ويهي ان جو حل ڪڍو، قوم جي حيثيت سان اسان جي وڏي بي عزتي ٿي رهي آهي، پنهنجي ريلي اڳتي پوئتي ڪري ڇڏيو، خدا جو واسطو اٿوَ قوم جي زندگي کي هلڻ ڏيو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته نه لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ نه اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گرفتاري وارنٽ تي عمل کان روڪيو آهي. جسٽس طارق سليم شيخ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن جلسو ڪرڻو اٿو ته 15 ڏينهن اڳ پلان ڪيو، توهان جي آچر تي ريلي نه ٿيندي، ڪو شادي به ڪري ته اڳ ۾ پلان ڪندو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي اڄ صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اڄوڪي ٻڌڻي جو لکت ۾ فيصلو به جاري ڪيو ويو، جنهن موجب زمان پارڪ ۾ پوليس آپريشن تي منع نامي جي حڪم ۾ اڄ تائين واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود پوليس زمان پارڪ ٻاهران موجود آهي، ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي ڪارڪن به الرٽ بيٺل آهن، ڪارڪنن ڏنڊا، گليلون ۽ ٻيا اوزار گڏ ڪري ورتا آهن.