اسلام آباد: پي ٽي آءِ جي سربراهه جي چيف جسٽس مسڪرائي آجيان ڪئي، اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ آخر ۾ واپس وڃڻ تي نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو. مليل اطلاعن موجب پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان ڪالهه چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي حڪم تي عدالت ۾ پيش ٿيو ته سڌو روسٽرم تي ويو جنهن تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال مسڪرائي کيس ڏٺو ۽ چيو ته اسان توهان کي نه سڏايو آهي توهان جو وڪيل حامد خان روسٽرم تي اچي. توهان کي ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي آهي. چيف جسٽس عدالتي ڪاروائي جي آخر ۾ عمران خان لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته وش يو آل دا بيسٽ.