اسلام آباد(بيورو رپورٽ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت باني تحريڪ انصاف جي ڀينرن پاران جيل ۾ ملاقات ڪرائڻ لاءِ داخل درخواست کي بي بنياد قرار ڏيندي عمران جي ڀينرن تي 10 هزار رپيا ڏنڊ لڳايو، عدالت درخواست کي به خارج ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ باني تحريڪ انصاف جي ڀينرن عليمه خان، عظميٰ خان ۽ نورين خان پنهنجي ڀاءُ عمران خان سان ملاقات ڪرائڻ لاءِ ٻه ڊسمبر تي جيل انتظاميا پاران ملاقات نه ڪرائڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي وئي. جيل انتطاميا عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ته باني تحريڪ انصاف جي ڀينرن 3 ڊسمبر تي جيل ۾ ملاقات ڪئي آهي. عدالت چيو ته درخواست اُن وقت داخل ڪرائي وئي جنهن وقت درخواستگذار ملاقات ڪري رهيون هيون.