اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين جو دفاع ڪرڻ تي پيپلز پارٽيءَ لطيف کوسه کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، 7 ڏينهن اندر جواب طلب ڪيو ويو، شوڪاز نوٽيس پ پ جي سيڪريٽري جنرل نئير بخاري طرفان جاري ڪيو ويو، نوٽيس ۾ چيو ويو ته سي اي سي جي ميمبر هجڻ باوجود پارٽيءَ جي اجازت کان سواءِ اوهان هڪ ٻي جماعت جي سربراهه جو دفاع ڪري رهيا آهيو، وڪيلن جي پروگرام ۾ سائفر معاملي تي اوهان رياستي پاليسي کي تنقيد جو نشانو بڻايو، 7 ڏينهن اندر جواب نه ڏيڻ جي صورت ۾ اوهان جي پارٽي رڪنيت ختم ڪئي ويندي، نوٽيس بابت لطيف کوسه چيو آهي ته اڃا تائين ڪو به شوڪاز نوٽيس ناهي مليو، سي اي سي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ملي آهي، سپريم ڪورٽ ۾ مصروف هجڻ ڪري شرڪت نه ڪندس، پيپلزپارٽي منهنجي جماعت آهي مون کي ڪير نٿو ڪڍي سگهي. پ پ اڳواڻ ۽ قانوني ماهر لطيف کوسا توشا خانه ڪيس ۾  سزا  خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين  جو وڪيل آهي، لطيف کوسا پ پ دور ۾ گورنر پنجاب ۽ اٽارني جنرل جي عهدن تي فائز رهي چڪو آهي.