اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف جي ڇهن ۽ بشريٰ بي بي جي هڪ ضمانت جي درخواست واري ڪيس ۾ عدالتي عملي ٻڌايو ته هن وقت تائين جيل اختيارين وٽ باني تحريڪ انصاف جي وڊيو حاضري متعلق ليٽر ناهي آيو. جج چيو ته ٻيهر ٻڌڻي بعد ۾ رکون ٿا. ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج محمف افضل مجوڪه ڪئي. باني تحريڪ انصاف جي وڪيل خالد يوسف چوڌري چيو ته هن وقت تائين باني تحريڪ انصاف جي وڊيو حاضري ناهي ڪرائي وئي. عدالت عدالتي عملي کان پڇا ڪئي ته ڇا هن وقت تائين وڊيو حاضري جي حوالي سان جيل اختيارين جو جواب آيو. عدالتي عملي ٻڌايو ته هن وقت تائين جيل اختيارين پاران ليٽر ناهي آيو. وڪيل خالد يوسف چوڌري عدالت کي استدعا ڪئي ته پراسيڪيوشن کي پابند ڪريو. اسان دليل ڏينداسين. رمضان ۾ ڪو به ڏينهن مقرر ڪري ڇڏيو. جج محمد افصل مجوڪه چيو ته رمضان ۾ مان ٽريننگ تي آهيان. عيد کان پوءِ رکون ٿا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 15 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.