ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ايڪسائيز واري سينيئر  وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي تھ 28 مئي پاڪستان جي تاريخ جو اھم ترين ڏينھن آھي، اُن ڏينھن تي پاڪستان ايٽمي ڌماڪا ڪيا، اڄ پاڪستان جي دفاعي صلاحيت ڪنھن بھ وڏي ملڪ کان گھٽ ناھي، پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ جو ڪريڊٽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو کي وڃي ٿو. شھيد ڀٽو  ۽ سندس خاندان پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻائڻ جي ڳري قيمت ادا ڪئي ۽ قربانيون ڏنيون،  ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني جيل ۾ ويهي پارٽي ٽڪيٽون ورهائي ۽ حڪومتون ٺاهي رهيو آهي. بيان به ڏئي رھيو آھي، هن ٽوئيٽر تي ڪالهه گمراهه ڪندڙ وڊيو شيئر ڪئي، جنهن ۾ شيخ مجيب الرحمان کي هيرو طور پيش ڪيو ويو آھي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني 1971ع جي سانحي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، عمران خان جي ويڙهه سياسي پارٽين، ڪنهن جنرل يا اداري سان نه پر پاڪستان سان آهي. هي شخص پاڪستان کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته عمران اقتدار ۾ هجڻ وقت فوج جي ساراهه ڪندو هو، اقتدار تان ھٽجڻ کانپوءِ ھاڻي  اداري کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، ھن چيو تھ مولانا فضل الرحمان ۽ محمود اچڪزئي کي عمران خان ماضي ۾ ڪريل لفظن سان پڪاريندو ھو، اڄ کين پنھنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي، عمران خان چاھي ٿو تھ کيس اقتدار ملي وڃي، بوزدار جھڙا وزير اعليٰ لڳائي ۽ گوگي کي واپس آڻي. هن ايف آءِ اي تي زور ڀريو ته عمران خان جو تڪراري وڊيو شيئر ڪرڻ وارو سوشل ميڊيا اڪائونٽ بند ڪرايو وڃي