اسلام آباد: بشريٰ بي بي چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي واپسي تائين مارچ ختم نه ٿيندو، بشريٰ بي بي ڪنٽينر تان اهڙو اعلان ڪيو، بشريٰ بي بي چيو ته پنهنجي ساهه جي آخري تند تائين بيٺل رهنديس، اوهان کي به منهنجو ساٿ ڏيڻو پوندو، جيڪڏهن اوهان ساٿ نه ڏنو، تڏهن به بيٺل رهنديس، اها رڳو منهنجي مڙس جي نه پر ملڪ جي ليڊر جي ڳالهه آهي، مون کي اميد نه پر يقين آهي ته پٺاڻ قوم غيرتمند آهي ۽ ساهه  جي آخري تند تائين ساٿ ڏيندي، بشريٰ بي بي جي عوام کي اسلام آباد پهچڻ جي به اپيل ڪئي.