عمران جي مقبوليت،لانگ مارچ حقيقت يا دڙڪو ؟

0
83
ملڪي سلامتي لاءِ انتهائي اهم ايندڙ 8 ڏينهن

 16آڪٽوبر 2022ع واري ڏينهن تي   11 تڪن تي ٿيل ضمني چونڊ بعد  ايندڙ عام چونڊن جي امڪاني نتيجن ۽ منظرنامي تي بحث ٿي رهيو آھي ۽ انهي ضمني چونڊ کي ايندڙ عام چونڊن لاءِ  ٽيسٽ ڪيس  به تصور ڪيو پيو وڃي، ضمني چونڊ بعد ايندڙ عام چونڊن جي امڪاني نتيجن تي هر ڪو پنهنجي پنهنجي انداز سان تجزيا ۽ منظرڪشي ڪري رهيو آھي.قومي اسيمبلي جي اٺن تڪن تي ٿيل ضمني چونڊ ۾ عمران خان 7 تڪن تي اميدوار طور ميدان ۾ لٿو هو ۽ عمران خان قومي اسيمبلي جي ستن تڪن مان 6 تڪن تي ڪاميابي حاصل ڪري ملڪي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪندي هڪ ئي وقت ڇهن تڪن تي ڪامياب ٿيندڙ پهريون سياستدان بڻجي ويو آھي. ان کان اڳ 1970ع جي عام چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي باني قائد ذوالفقار علي ڀٽو پنج تڪن تي ڪاميابي حاصل ڪري  ملڪي پارلياماني تاريخ ۾ هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو هو. ذوالفقار علي ڀٽو 1970ع جي عام چونڊ ۾ لاهور جي اين اي 60 ، ملتان جي اين اي 79 ، لاڙڪاڻي جي اين اي 116 ، حيدرآباد جي اين اي 121  ۽ ٺٺي ضلعي جي اين اي 127 تي ڪاميابي حاصل ڪري ملڪي تاريخ ۾ هڪ ئي وقت پنج تڪن تي ڪامياب ٿيندڙ پهريون سياستدان ٿي ويو هو ان رڪارڊ کي 2018ع جي عام چونڊن ۾ عمران خان ٽوڙي ته نه سگهيو هو پر ان رڪارڊ کي عمران خان برابر ضرور ڪري ڇڏيو هو،  2018ع جي عام چونڊن بابت جڏهن به بحث ٿئي ٿو ان چونڊ  ۾ طاقتور ڌرين جي ڪردار تي به بحث ٿئي ٿو ۽ اهو به چيو ويندو آھي ته 2018ع جي عام چونڊ ۾ طاقتور ڌريون پنهنجي پوري طاقت سان عمران خان سان گڏ بيٺل هيون، ڏسجي ته اهي بحث اجايا به نه آھن. 2018ع جي عام چونڊن ۾ طاقتور ڌرين جو عمران خان سان گڏ هجڻ ، عمران خان جي ڪاميابي لاءِ ٻين سياسي ڌرين کي ديوار سان لڳائڻ بابت طاقتور ڌرين جو ڪردار هڪ تلخ حقيقت آھي پر 16 آڪٽوبر2022ع تي ٿيل ضمني چونڊ ۾ ڇا عمران خان سان طاقتور ڌريون گڏ هيون وارو سوال انتهائي اهميت اختيار ڪري وڃي ٿو،

ڇو ته ان سوال جو درست جواب رکندڙ ئي درست امڪاني منظر نامو چٽي سگهي ٿو.  مونکي معلوم نه آھي ته عمران خان کي طاقتور ڌرين جي حمايت حاصل آھي يا نه پر مان انهن سياسي ڌرين سان ان حد تائين اتفاق ڪيان ٿو ته هن وقت به عمران خان کي  طاقتور ڌريون جيترو برداشت ڪري رهيون آھن ايتري برداشت جو مظاهرو  تاريخ ۾ ڪنهن به ٻئي سياسي پارٽي يا ان جي اڳواڻ لاءِ ڪندي ڪڏهن نه ڏٺو ويو آھي. عمران خان جلسن ۾ جيئن سخت ٻولي ۽ لفظن ۾ طاقتور ڌرين کي تنقيد جو نشانو بنايو آھي ۽ ان حوالي  سان طاقتور ڌرين مٿان تنقيد لاءِ جيڪا سخت ٻولي ۽ لهجو عمران خان اختيار ڪيو آھي شايد ئي تاريخ ۾ ايترو سخت لهجو ۽ ٻولي ڪنهن ٻئي سياسي اڳوڻ استعمال ڪئي هجي پر عمران خان جي ڀيٽ ۾  طاقتور ڌرين جو عمران خان خلاف نه اوترو سخت رويو اختيار ڪيل نظر اچي ٿو نه ئي ان سخت تنقيد جو جواب ئي انهي لهجي سان عمران خان کي ڏنو ويو آھي.

مونکي خبر نه آھي ته ان پويان ڪهڙي مام آھي پر ظاهري طور تي جڏهن 16 آڪٽوبر تي ضمني چونڊ ٿي آھي ان وقت وفاق ۾ عمران خان جي حڪومت نه آھي ضمني چونڊ کان اڳ عمران خان خلاف آڊيو ليڪس جو هڪ سلسلو شروع ٿيو جنهن بعد اهو سمجهو پئي ويو ته عمران خان پنهنجي حڪومت جي خاتمي لاءِ غيرملڪي سازش جو جيڪو بيانيو جوڙيو هو آڊيو ليڪس بعد اهو بيانيو دم ٽوڙي چڪو آھي ۽ عمران خان پنهنجي حڪومت کي غيرملڪي سازش تحت هٽائڻ جي جيڪا ڪهاڻي عوام کي پئي ٻڌائي اها عوام ۾ وائکي ٿي چڪي آھي پر ضمني چونڊ جا جيڪي نتيجا سامهون آيا آھن انهن مان ته اهو صاف ظاهر ٿي رهيو آھي ته عمران خان خلاف آيل آڊيو ليڪس جو ڪو منفي اثر وڏي پيماني تي ان جي ووٽرن ۽ سپورٽرن مٿان نه ٿيو آھي. عمران خان جيڪو جلسن ۾ ڳالهائي رهيو آھي ان جو عوام تي اثر ٿي رهيو آھي ۽ حڪومت جي خاتمي بعد عمران خان جنهن مقامي ڪردارن سان گڏجي پنهنجي حڪومت خلاف پرڏيهي سازش ٿيڻ جي ڪهاڻي عوام ٻڌائي رهيو آھي اها ڀلي سچ تي ٻڌل نه هجي نج خيالي ۽ گهڙيل ڪهاڻي ڇو نه هجي پر عمران خان جي اها ڪهاڻي ملڪ جي ماڻهن ۾ وڪامي رهي آھي نه رڳو ايترو پر عمران خان جي حڪومت ۾ مهانگائي جا جيڪي رڪارڊ جڙيا،  عام استعمال جي شين جا اگھه جيئن آسمان تي پهچايا هئا هاڻي اها ڪارڪردگي به عمران جي سياست کي نقصان پهچائيندي نظر نٿي اچي. ڀلي موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون اهو چونديون رهن ته  ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال عمران خان حڪومت جي ناڪامين جو نتيجو آھي ۽ موجوده حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽين حڪومت ۾ اچي سياست بجاءِ ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي  پر عوام مٿان حڪمران اتحاد جي اڳواڻن جون اهي ڳالهيون اثر نه ڪري رهيون آھن جنهن جو واضح ثبوت ٿيل ضمني چونڊ جا نتيجا آھن جيڪا ضمني چونڊ وفاق ۾ قائم  حڪمران اتحاد ۾ شامل  پارٽين گڏجي وڙهي ان باوجود 11 تڪن مان پي ٽي آءِ 8 تڪن تي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آھي باوجود ان جي ته ووٽرن کي معلوم هو ته قومي اسيمبلي جي تڪن تي ڪاميابي باوجود عمران خان اسيمبلي ۾ وڃي نه ويهندو پر پوءِ به عمران خان ستن مان ڇهن تڪن تي ڪامياب ٿيو. اهو درست آھي ته پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي ملير ۽ ملتان واري سيٽ تي شڪست کاڌي آھي ۽ اهي ٻئي سيٽون 2018ع جي عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ حاصل ڪيون هيون پر ڇا اها حقيقت نه آھي ته جن پنجاب اسيمبلي جي ٽن تڪن مان ٻن تڪن تي پي ٽي آءِ ڪاميابي حاصل ڪئي آھي انهن تڪن تي 2018ع جي عام چونڊ دوران ن ليگ جي اميدوارن ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جيڪڏهن عمران خان پنهنجا ڇڏيل  قومي اسيمبلي جا ملتان ۽ ملير وارا تڪ وڃايا آھن ته پنجاب اسيمبلي جا ٻه تڪ ن ليگ کان کسي به ورتا آھن اهو به نه وسارڻ گهرجي ته ملڪ اندر حڪمراني ۽ اقتدار جي ڪرسي جو فيصلو پنجاب صوبو ڪندو آھي جنهن صوبي اندر عمران خان پاران اهي تڪ به پنهنجي نالي ڪرڻ جيڪي ن ليگ جا هئا اهو عمل پنجاب ۾ بزدار حڪومت جي تاريخي ناڪامي باوجود پنجاب ۾ پي ٽي آءِ جا پير پختا ٿيڻ جا اشارا ڪري رهيو آھي.  ضمني چونڊ ۾ اٺن مان ستن تڪن تي عمران خان پاران پاڻ ميدان ۾ لهڻ  بعد حڪمران اتحاد جا ڪجھه اڳواڻ اهو سوال اٿاري رهيا آھن ته عام چونڊن ۾ عمران خان قومي اسيمبلي جي سمورن تڪن تي ڇا پاڻ اٿندو ؟ جيڪڏهن اهو ايئن نه ڪري سگهندو ته ان جا اميدوار شڪست کائي سگهن ٿا اهي ڳالهيون ڪندڙن کان منهنجو سوال اهو آھي ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ڇا حڪمران اتحاد هن ضمني چونڊ وانگر گڏيل طور اميدوار ميدان ۾ آڻي چونڊ وڙهي سگهي ٿو؟ ظاهر آھي ته ان جو امڪان گهٽ آھي جيڪڏهن هر تڪ تي موجوده حڪمران اتحاد جون پارٽيون عام چونڊن ۾ ڌار ڌار اميدوار ميدان ۾ لاهينديون تڏهن ڇا پي ٽي آءِ مخالف ووٽ تقسيم نه ٿيندا؟

ڇا اهو عمل پي ٽي آءِ اميدوارن جي ڪاميابي کي آسان نه بنائي ڇڏيندو؟ عام چونڊن جي ڳالھه ۽ تبصرا ته ٿي رهيا آھن پر عام چونڊ ملڪ اندر ڪڏهن ٿيندي واري سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ هاڻي پي ٽي آءِ حڪومت سان  وري نئين ٽيسٽ ميچ کيڏڻ جي تياري ڪري آھي. جي ها مان پي ٽي آءِ جي اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ جي ڳالھه ڪري رهيو آھيان جنهن بابت عمران خان اهو واضح چئي چڪو آھي ته حڪومت کي ڪجھه ڏينهن جي مهلت آھي ته عام چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ٻي صورت ۾ اسان جي لانگ مارچ جي تياري مڪمل آھي. عمران خان چونڊون جلد ڪرائي سگهڻ لاءِ ڪجھه ڪرڻ جي حيثيت رکندڙن کي به مخاطب ٿيندي اها ڳالھه ڪئي آھي. عمران خان پاران ضمني چونڊ ۾ ڪاميابي بعد پريس ڪانفرنس ۾ ڪيل اهڙي مطالبي کي حڪمران اتحاد ۾ شامل  پارٽين رد ڪندي چونڊ وقت تي ڪرائڻ جو موقف ورجايو آھي، لڳي ٿو ته عام چونڊون جلد ڪرائڻ ۽ عام چونڊون ڪڏهن ٿينديون واري سوال کي چٽو ڪرڻ لاءِ عمران خان کي لانگ مارچ ڪرڻو پوندو پر محسوس ٿي رهيو آھي ته لانگ مارچ جون ڳالهيون ڪري عمران خان طاقتور ڌرين کي جلد چونڊون ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ بابت مجبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آھي ۽ عمران خان پاران مسلسل لانگ مارچ جي ڳالھه ڪرڻ پر ان لاءِ ڪنهن تاريخ جو اعلان نه ڪرڻ مان لڳي رهيو آھي ته عمران طاقتور ڌرين کي وچ ۾ آڻي جلد عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان چاهي ٿو. ان جي هر ممڪن ڪوشش آھي ته کيس ان مقصد لاءِ لانگ مارچ نه ڪرڻو پوي ڇو ته لانگ مارچ جي تاريخ جي اعلان بعد عمران خان جو امتحان شروع ٿيندو کيس لانگ مارچ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ نه رڳو وڏي تعداد ۾ عوام آڻڻي پوندي پر اهو به طئه ڪرڻو پوندو ته لانگ مارچ ذريعي  هو جلد چونڊ ڪرائڻ جو مقصد ڪيئن حاصل ڪري سگهندو؟

جيڪڏهن لانگ مارچ ڪري اسلام آباد پهچي عمران خان ان کي پرامن ڌرڻي ۾ تبديل ڪري ڪنهن هڪ هنڌ ويهي رهندو ته ان لاءِ اهو به سوال هوندو ته ڪيترو وقت ڌرڻو ھڻي ويهي سگهي ٿو. ڌرڻي کي ڊگهو جاري رکڻ جا خرچ، ماڻھن کي ڏينهن تائين ويهارڻ عمران خان  لاءِ ناممڪن ڀلي نه هجي پر مشڪل ترين عمل ضرور آھي. اهو ئي سسب ته عمران جلد چونڊ ڪرائڻ  لاءِ  لانگ مارچ بجاءِ طاقتور ڌرين  کي وچ ۾ آڻڻ چاهي ٿو ۽ ڪجھه ڏينهن ۾ عام چونڊن جو اعلان نه ٿيڻ تي آڪٽوبر ۾ ئي لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي. سوال هي آھي ته جيڪڏهن عمران خان سمجهي ٿو ته هن حڪومت جي ڪارڪردگي مايوس ڪن آھي ۽ ان ڪري حڪمران اتحاد ۾ شامل پارٽيون ڏينهون ڏينهن غير مقبول ٿي رهيون آھن ته پوءِ عمران خان کي چونڊ ٿيڻ جي جلدي ڇو آھي؟

ڇا عمران خان کي پي ٽي آءِ کي مليل سياسي جوڀن تي ڪجھه مهينن جو به ڀروسو نه آھي؟ جيڪڏهن عمران خان کي سياسي مقبوليت جو ايترو يقين آھي ته پوءِ نو مهينا هن اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ جو  انتظار ڇو نٿو ڪري؟ مونکي لڳي ٿو لانگ مارچ جو حدف هڪ تير سان ٻه شڪار ڪرڻ آھي  جلد عام چونڊن سان گڏ عمران خان هڪ ٻيو حدف به حاصل ڪرڻ ڇاهي ٿو پر اهو حدف “هزارون خواهشين ايسي” واري شعر وانگر آھي. عمران خان کي معلوم آھي ته هن سياسي مقبوليت واري جوڀن تائين جو سفر ڪيئن ڪيو آھي، ان کي اهو معلوم آھي ته هڪ ٽانگا پارٽي جي ڦوڪڻي ۾ ڪيئن هوا ڀري کيس ملڪ جي وڏي پارٽي ٺاهيو ويندو آھي، ان کان به وڌيڪ عمران خان کي اهو معلوم آھي ته ڪيئن ملڪ جي وڏين پارٽين کي محدود ڪري مخصوص پارٽين کي آندو ويندو آھي، اهو ئي سبب آھي ته عمران خان کي پنهنجي سياسي جوڀن جي نو مهينن تائين جو به پختو يقين  نه آھي جو هو نو مهينا هن اسيمبلي جي مدت مڪمل ٿيڻ  تائين انتظار ڪري سگهي. اڳوڻي صدر آصف زرداري جي گهڻين ڳالهين سان اختلاف ڪري سگهجي ٿو پر ان سياست ۾ جن سياسي اداڪارن جي ڳالھه ڪئي آھي اها اسان جي سياسي تاريخ جي ڪڙي حقيقت آھي. اسان وٽ ڪنهن فلم ۽ ڊرامي وانگر مختلف وقتن ۾ سياست ۾ مک ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ مخصوص ماڻهن  جا انٽرويو ڪري سليڪشن بعد کين ملڪي سياست ۾ ليڊ رول ڏنا ويندا رهيا آھن ۽ اهڙا رول ادا ڪندڙ ڪنهن اداڪار وانگر سياسي ڪردار ادا ڪندا آھن، اهڙا ڪردار رڳو  حڪمراني لاءِ نه پر اپوزيشن جي ڪردار لاءِ به ڏنا ويندا آھن.  اهو ئي سبب آھي ته اسان جي سياست ۾ سليڪٽرن جو ذڪر زور سان ٿئي ٿو ته انهن سليڪٽرن جي لاڏلن جو به ذڪر ٿيندو آھي.