اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عمران خان جي ضمانت ٿيندي يا نه، پي ٽي آءِ چيئرمين جي 9 درخواستن تي اڄ فيصلو ٻڌايو ويندو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محفوظ ڪيل فيصلن جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، سيشن ڪورٽ ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران ضمانت جون درخواستون خارج ڪرڻ خلاف درخواستن تي اڄ فيصلو ٻڌايو ويندو جنهن ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته 9 ڪيسن ۾ حتمي فيصلي تائين گرفتاري کان روڪيو وڃي ۽ ميرٽ تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. عمران خلاف 9مئي، اسلام آباد ۾ احتجاج جا 3-3، توشا خانه جعلسازي، قتل جي ڪوشش جا ڪيس داخل آهن جڏهن ته سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي ضمانت جي درخواست تي اڄ ٻڌڻي ٿيندي، سائفر ڪيس ۾ ايف آءِ اي جي درخواست تي به اڄ ٻڌڻي ٿيندي. ايف آءِ اي ٻڌڻي اِن ڪيمرا ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻئي درخواستون اڄ ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيون آهن، چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻڌڻي ٿيندي.