اسلام آباد(بيورو رپورٽ) توشا خانه ڪيس ٽو ۾ اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ جي درخواست ضمانت تي اعتراض ختم ڪيا ويا. رجسٽرار آفيس کي سومر تي ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هي ڇا آهي؟ ان درخواست تي ته رجسٽرار آفيس جا اعتراض آهن. ڪالهه ئي هڪ اهڙي درخواست هنن رد ڪئي. رجسٽرار آفيس جو اعتراض آهي ته وڪالت نامو جولاءِ جو آهي ۽ ڪاز آف ايڪشن نومبر جو آهي. عدالت رجسٽرار آفيس جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا.