اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ باني تحريڪ انصاف جي سياسي اڳواڻن سان عدالتي حڪم باوجود ملاقات نه ڪرائڻ تي توهين عدالت جي درخواست داخل ڪرائي. باني تحريڪ انصاف جي ايڊووڪيٽ سلمان اڪرم راجه ۽ فيصل چوڌري ذريعي داخل درخواست ۾ استدعا ڪئي آهي ته عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪرڻ تي توهين عدالت جي ڪاروائي ڪئي وڃي. درخواست ۾ گهرو سيڪريٽري، هوم سيڪريٽري پنجاب ۽ سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل کي ڌر بڻايو ويو آهي. عدالتي حڪم مطابق باني تحريڪ انصاف پنهنجي صحيح سان ملاقات ڪندڙن جي لسٽ ڏني، عمر ايوب، شبلي فراز، اسد قيصر سميت ڇهن اڳواڻن جي لسٽ ڏني وئي. پي ٽي آءِ اڳواڻن کي ڪيترائي ڪلاڪ انتظار ڪرائڻ بعد باوجود ملاقات ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.