راولپنڊي (م ڊ) سيڪيورٽي ادارن اڊيالا جيل جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کي عمران جي سهولتڪاري جي الزام هيٺ حراست ۾ وٺي ڇڏيو، ذريعن موجب سيڪيورٽي ادارن پاران ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ کان جاچ جاري آهي، ذريعن موجب ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ تي اختيار اورانگهڻ تي حراست ۾ ورتو ويو، ذريعن موجب ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ تي ڳجهي طور باني پي ٽي آءِ عمران لاءِ پيغام پهچائڻ جو به الزام آهي، سيڪيورٽي ادارن پاران آءِ جي جيل پنجاب کي آگاهه ڪيو ويو، جاچ بعد ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ محمد اڪرم خلاف محڪماتي ڪارروائي ڪئي ويندي، ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ اڊيالا جيل محمد اڪرم کي اڳ ئي عهدي تان هٽايو ويو هو.