اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو وزارت اڳوڻي معاون خصوصي ذلفي بخاريءَ جا ريڊ وارنٽ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. گهرو وزارت ڊي جي ايف آءِ اي کي انٽرپول کي خط لکي هدايت ڪري ڇڏي. ان سان گڏ گهرو وزارت ايف آءِ اي کي ريڊ نوٽيس جاري ڪرڻ کان اڳ ڪاغذن جو قانوني جائزو وٺڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ايف آءِ اي انٽرپول هيڊ ڪوارٽر کي ريڊ نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.  ذلفي بخاري اسلام آباد پوليس کي ايف آءِ آر نمبر 143 ۾ گهربل آهي. ذلفي بخاري خلاف دهشتگري ايڪٽ تحت گولڙا پوليس اسٽيشن تي 18مارچ تي ايف آءِ آر ادخل ڪئي هئي.