اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ شاهه محمود قريشي جي سائفر ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. تفصيل موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. جسٽس عامر فاروق شاهه محمود قريشي جي ضمانت واري رد ڪندي کيس جيل اماڻڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت واري درخواست بحال ڪري ڇڏي. 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ۾ گرفتاري سبب ضمانت جي بحالي واري درخواست غير موثر قرار ڏني وئي هئي. ان حوالي سان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. احتساب عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين جي غير حاضري سبب ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. پي ٽي آءِ چيئرمين ضمانت واري درخواستن جي بحالي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو هو. جڏهن ته اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊز جي اسڪينڊل ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ 17 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، احتساب عدالت جي جج محمد بشير ضمانت ۾ واڌ واري درخواست جي منظوري ڏني، بشريٰ بي بي ۽ سندس وڪيل عدالت آڏو پيش نه ٿيا، عدالت سوال ڪيو ته اڄ دليلن لاءِ ڪيس رکيل هو، ڇا هنن جي طرفان ڪير نه آيو آهي؟ نيب پراسيڪيوٽر چيو ته سردار لطيف کوسا وڪيل آهي پر اڃا ڪير به نه آيو آهي، عدالت بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي.