اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس جو الوداعي سوئيٽ ۽ سرپرائز فيصلو، سُپريم ڪورٽ نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي نيب ترميمن جي 10 مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيون. چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال پنهنجي ملازمت جي مدي جي آخري ڏينهن ان ڪيس جو فيصلو ٻڌايو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ليڊيز اينڊ جئنٽلمين، ٻه هڪ جي اڪثريت سان فيصلو ٻڌائي رهيا آهيون. سُپريم ڪورٽ جي ٽي رُڪني بئنچ ۾ شامل جسٽس منصور علي شاهه فيصلي تي اختلافي نوٽ لکيو آهي. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته نيب ترميمن خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏني وڃي ٿي. فيصلي ۾ 50 ڪروڙ جي حد تائين ريفرنس نيب جي اختيارن مان خارج قرار ڏيڻ واري شق کي ڪالعدم قرار ويو آهي، جڏهن ته سروس آف پاڪستان خلاف ريفرنس فائل ڪرڻ جي شق برقرار رکي وئي، عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عوامي عهدن تي مقرر ماڻهن خلاف ڪيس بحال ڪيا وڃن ٿا، عوامي عهدن جا ريفرنس ختم ٿيڻ بابت نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون وڃن ٿيون، فيصلي ۾ چيو ويو ته نيب ترميمن جي سيڪشن 10 ۽ سيڪشن 14 جي پهرين ترميم ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي. عدالت 50 ڪروڙ جي حد کان گهٽ هجڻ تي ختم ٿيندڙ سمورا ڪيس بحال ڪري ڇڏيا ۽ چيو ته سموريون ختم انڪوائريز، ڪيسز بحال ڪيا وڃن ٿا، سمورا ڪيسز نيب عدالتن ۽ احتساب عدالتن ۾ ٻيهر مقرر ڪيا وڃن. سُپريم ڪورٽ نيب ترميمن جي 10 مان 9 ترميمون ڪالعدم قرار ڏنيون آهن ۽ عدالت نيب کي 7 ڏينهن اندر سمورو رڪارڊ لاڳاپيل عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالت چيو ته پلي بارگين جي حوالي سان نيب ترميم ڪالعدم قرار ڏني وڃي ٿي، احتساب عدالتن جا نيب ترميمن جي روشني ۾ ڏنل حڪم ڪالعدم قرار ڏنا وڃن ٿا. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته نيب ترميمن سان مفاد عامه جي آئين ۾ موجود حق متاثر ٿيا، نيب ترميمن تحت بند ڪيل سموريون انڪوائريز ۽ انويسٽيگيشنز بحال ڪيون وڃن، عدالتي فيصلي ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو بار ثبوت جوابدار بجاءِ نيب کي ثابت ڪرڻ جي ترميم به ڪالعدم قرار ڏني وئي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته پارليامينٽ آئين تحت قانونسازي ڪرڻ ۾ بااختيار آهي، پارليامينٽ ٻين آئيني ادارن جي اختيار ۾ مداخلت نٿي ڪري سگهي، اعليٰ عدالت جي فيصلن موجب ميگا اسڪينڊل جي حد 10 ڪروڙ هجڻ گهرجي، 50 ڪروڙ جي حد مقرر ڪري پارليامينٽ عدليه جي اختيار ۾ مداخلت ڪئي، جڏهن ته نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد اڳوڻي صدر ۽ 6 اڳوڻن وزيرِاعظمن خلاف به ڪيس بحال ٿي ويا، سُپريم ڪورٽ طرفان نيب ترميمون ڪالعدم قرار ڏيڻ کانپوءِ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف ريفرنسز ٻيهر بحال ٿي ويا، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جو ايل اين جي ريفرنس احتساب عدالت مان منتقل ٿي ويو هو ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف خلاف رينٽل پاور ريفرنس به واپس ٿي ويو هو جيڪو ٻيهر بحال ٿي ويو، شهباز شريف جو ڪيس به بحال ٿي ويو. شوڪت عزيز ۽ شهباز شريف جا ڪيس به بحال ٿي ويا.