اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي جيل ۾ ٽرائل ۽ ٽرائل ڪورٽ جي جج جي مقرريءَ جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواستن تي  ٻن کان ٽن ڏينهن اندر فيصلو ٻڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي جلد فيصلي جي متفرق درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان وڪيل شير افضل مروت ايڊووڪيٽ پيش ٿيو. پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سائفر ڪيس جو جيل ٽرائل شروع ٿي چڪو آهي پر اسان جي درخواست تي فيصلو ناهي آيو، سومر تي وري جيل ۾ ٻڌڻي لاءِ سائفر ڪيس مقرر آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته جيل ٽرائل ۽ جج جي مقرريءَ خلاف پي ٽي آءِ جي درخواست تي فيصلو پهريان کان محفوظ آهي، سومر تائين نه پر ٻن ٽن ڏينهن اندر فيصلو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪنداسين. چيف جسٽس عامر فاروق وڪيل شير افضل مروت سان مخاطب ٿيندي چيو ته هڪ ڳالهه ٻڌايو ميڊيا ۾ خبرون هلي رهيون آهن ته اڊيالا جيل منتقلي تي اوهان کي اعتراض آهي، اوهان جي پنهنجي پٽيشن اٽڪ کان اڊيالا جيل منتقلي جي هئي ۽ اها منظور ٿي، پوءِ اهو ميڊيا ۾ اوهان جي پاران ايڏو بحث ڇو هلي رهيو آهي؟ وڪيل شير افضل مروت ايڊووڪيٽ چيوته اسان جي طرفان آفيشل طور اهڙو ڪو بيان ناهي ڏنو ويو. چيف جسٽس چيو ته آئون حيران هيس ته اوهان جي پنهنجي پٽيشن منظور ٿي پوءِ ايئن ڇو چئي رهيا آهن، وڪيل شير افضل مروت چيو ته اسان کي اها خبر هئي ته اڊيالا جيل ۾ بي ڪلاس ڏنو ويندو پر نه ڏنو ويو، جنهن تي جسٽس عامر فاروق چيو ته بهتر ڪلاس ملندو، کوسه صاحب جي ڪالهه واري پٽيشن تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.