اسلام آباد (بيورو رپورٽ + مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومتي وزيرن چيو آهي ته عمران خان جي خواهش تي آئين پائمال ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ هٿياربند جٿن جي گينگسٽر کي رليف پئي ڏئي، تاريخ جو بدترين فيصلو ڏنو ويو آهي.  ان ڏس ۾ بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته موجوده مسئلي جو حل ان ۾ ئي آهي ته هڪ ئي ڏينهن اليڪشن ٿين. اسين قانون تحت ڪو به قدم کڻي سگھون ٿا. مارشل لا جو ڪو چانس ناهي، نه لڳندي، تسلي رکو.  پريس ڪانفرنس ڪندي بچاءُ واري وزير چيو ته جڏهن اسان جي خلاف نيب ڪارروائي ٿي ته اسان کي ڪنهن گھرائي ڇو نه پڇيو؟ نواز شريف، مون کي ورڪرز حسن سلوڪ کان ڇو محروم رکيو ويو؟  هن چيو ته عمران خان کي مبارڪون هجن جو ٻن راتين ۾ سندس ٽَنگ جو سور ختم ٿي ويو.  عمران خان پنڌ هلي ويو، عوام ڏٺو، کيس ڪا تڪليف ناهي، ويل چيئر جي به ضرورت نه پئي. ايئن نه لڳو ته عمران خان کي ڪا ٽَنگَ ۾ تڪليف آهي.  هن چيو ته عدالتن جوڪم آرڊر ڏيڻ آهي، خواهشن جو اظهار ڪرڻ ناهي. عمران خان کي گيسٽ هائوس ۾ به سهولتون مهيا ڪيون پيون وڃن. آصف زرداري، فريال ٽالپر، مريم نواز، مون کي، نواز شريف کي ته ڪنهن ريسٽ هائوس ۾ رهڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هتي ته عدالت اها سهولت به ڏني آهي ته ساڻس گڏ 10 ماڻهو رهي سگهن ٿا.  ڇا عمران خان ورڪرز کي تشدد تي نه ڀڙڪايو؟  هن چيو ته عدالت کي شهداءِ جي يادگارن تي حملي جو پاڻ مرادو نوٽيس وٺڻ کپندو هو. ڇا اها ملڪ دشمني ناهي؟ هن معاملي تي عدالت جي ڪن تي جونءِ به نه چري. سٺو سلوڪ رڳو عمران خان سان ڇو؟ ٻٽو معيار ڇو آهي.  هن ملڪ ۾ ٻه معيار ڇو آهن؟  هن چيو ته آئون ته آرڊر جي انتظار ۾ هئس، عدالت خواهش جو اظهار ڪري ڇڏيو. عمران چوي ٿو کيس ڏنڊا هنيا ويا، کيس ڪجھه ياد ناهي. عمران خان جي خواهش تي آئين ۽ قانون پائمال ٿيو.  ٻئي پاسي وزيراعظم جي خصوصي معاون عطاءُ الله تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ آرڊر جاري ڪيو آهي، اهڙي سهولت ڏني آهي جيڪا تاريخ ۾ پهريان ڪڏهن ڏسڻ ۾ نه آئي آهي، جيڪو شخص رمانڊ تي هجي ان کي اعليٰ عدليه گهرائي کل ڀوڳ ڪري، ان شخص جي مرضي جو فيصلو جاري ٿئي ائين ڪڏهن نه ٿيو آهي، ڇا سڀاڻي ڪنهن ٻئي کي به اها سهولت حاصل هوندي ته ٻڌاءِ تنهنجي رضا ڇا آهي؟ هن چيو ته القادر ٽرسٽ 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي اڄ لڳي رهيو هو ته پنهنجي محبوب ليڊر کي ڏسڻ لاءِ گھرايو ويو هو، هڪ شخص جنهن ڪاهون ڪرايون هجن، قومي سلامتي جي ادارن تي حملا ڪرايا هجن ان کي رليف ڏنو ويو، اهو شخص جيڪو قومي سلامتي جي ادارن تي حملا ڪري ۽ پاڪستان جي بين الاقوامي سطح تي بدنامي ڪرائي ان کي اهڙو آرڊر ڏنو ويو آهي، اسان جي ليڊرن جون ضمانتون اها ئي سپريم ڪورٽ نه ڪندي هئي، اڄ هن شخص کي گهرائي عزت ۽ تڪريم ڏني وئي، ڪهڙو بيڊ ڏيون بيس فيصلي ۾ اها ئي گهٽتائي رهجي وئي هئي، اڄ کان پوءِ توهان جا فيصلا ڪير تسليم ڪندو، هن ڪيس کي وٺڻ ئي نه گهربو هو، هي فڪس ميچ هئي جنهن کي خواجا طارق رحيم فڪس ڪيو، خواجا طارق رحيم پهريان ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو هو، عطا تارڙ ان موقعي تي خواجا طارق رحيم جي آڊيو به هلائي ٻڌائي، عطا تارڙ چيوته اڄ کان پوءِ 60 ارب رپين جي ڪرپشن ڪو ڏوهه نه هوندو، اڄ خان صاحب کي فرشي سلام پيش ڪيو وڃڻو هو، ان آڊيو ۾خواجا طارق رحيم فرمائي رهيو آهي ته هي سپريم ڪورٽ هن ڪيس کي واپس موڪليندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس تي اعتراض اٿاريو ويندو ۽ محسن اختر ڪياني وٽ هي ڪيس ويندو، اها هوندي آهي ميچ فڪسنگ جيڪا لاڏلي کي ڏني وئي آهي، هي ميسيج بينڪ فڪسنگ کان شروع ٿيو جيڪو آرڊر فڪسنگ تائين پهتو آهي، هن چيو ته خواجا طارق رحيم جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، اهو بينچن جي فڪسنگ کان وٺي فيصلن جي فڪسنگ تائين ملوث آهي، خواجا طارق رحيم بلڪ اهو ئي آرڊر ٻڌايو آهي، سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخ جو بدترين فيصلو آهي، سپريم ڪورٽ اڄ کان ڪرپشن کي ليگلائيز ڪري ڇڏيو آهي، ان کان پوءِ جيڪڏهن توهين عدالت لڳي ٿي ته لڳي وڃي، ان جو مطلب آهي ملڪ رياض اڄ کٽي ويو ۽ قانون هارجي ويو. عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته اڄ آئين ۽ قانون جي توهين ڪئي وئي، پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته عمران خان خلاف 60 ارب رپين جي ڪرپشن جو ڪيس آهي. خواجه طارق اڳ ئي فيصلي جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي. خواجه طارق جي آڊيو اچڻ کان پوءِ هاڻي جج ڪيئن ڪيس ٻڌندا؟  هن چيو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو تاريخ جو بدترين فيصلو آهي. طارق رحيم کان پڇڻ گھرجي ته کيس اڳواٽ خبر ڪيئن پئي؟ عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته هڪ جوابدار سان عدالت  ڪچهريون ڪيون، هاڻي سڀاڻي ڪو قتل ڪري ته عدالت ان کي به گھرائي پڇي ته ٻڌا تنهنجي ڇا مرضي آ؟  ٻئي پاسي  سڌ سماءَ جي وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ اندر ڪجهه سئو هٿياربندن جي جٿن ۽ دهشتگردن ملڪ، حساس ادارن، رياستي ملڪيتن، مسجدن، اسپتالن ۽ اسڪولن تي حملا آور آهن، عمران خان 60 ارب رپين جو قومي خزاني کي نقصان پهچايو، القادر ٽرسٽ ۾ عمران خان کي نيب جاچ جي لاءِ گرفتار ڪيو، عمران خان جي گرفتاري کان پوءِ پي ٽي آءِ جي قيادت هٿياربند جٿن کي تشدد تي ڀڙڪايو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو ته عمران خان قومي خزاني کي 60 ارب رپين جي چوري ڪئي، نيب قانوني طريقي سان عمران خان کي گرفتار ڪيو ۽ احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو، هڪ مجرم، دهشتگرد، هٿياربند جٿن جي گينگسٽر کي سپريم ڪورٽ رليف ڏئي رهي آهي، هن ملڪ جي ٽي ڀيرا چونڊيل وزيراعظم نواز شريف، آصف علي زداري، شاهد خاقان عباسي، رانا ثناءُ الله، سلمان شهباز، حمزه شهباز، مفتاح اسماعيل سميت ماڻهن جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي گهلي جيلن ۾ وڌو ويندو رهيو، هن لاڏلي سپريم ڪورٽ جي ٻاهران گنديون شلوارون لٽڪايون، اگر ان وقت ائين نه ٿئي ها ته اڄ عدالت جي بي توقيري نه ٿئي ها، عدالت جي بي توقيري تڏهن ٿيندي آهي جڏهن ملڪ جون عدالتون هٿياربند جٿن ۽ دهشتگردن جون پناهه گاهون بڻجنديون رهنديون آهن، ان وقت اهو نه چيو ويندو هو ته ڪير ڪٿان گرفتار ٿيو، جيڪڏهن ان وقت اها محبت ختم ٿي وڃي ها ته اڄ عدالت جي بي توقيري نه ٿئي ها، جڏهن عدالتن جا فيصلا مجرمن جي پٺڀرائي ڪنديون آهن عدالتن جي بي توقيري تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن عدالت وارنٽ ڪڍندي آهي ۽ پوليس ان تي عملدرآمد جي لاءِ زمان پارڪ پهچندي آهي ته ان جو پيٽرول بمن سان استقبال ڪيو ويندو آهي ان وقت عدالت جي بي توقيري ٿيندي آهي، پوليس وارن جي مٿا ڦاڙيا ويا، پوليس جون گاڏيون ساڙيون ويون، لاهور شهر کي ساڙيو ويو، ان وقت جيڪڏهن عدالت پنهنجي وارنٽ جي توقير ڪرائي هجي ها ته اڄ عدالت جي بي توقيري نه ٿئي ها، جنهن وقت آئين شڪني تي چيف جسٽس آف پاڪستان جي تصوير تي جتيون هنيو ويون هيون ان وقت عدالت جي بي توقيري ٿي هئي.