اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توشا خانه ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي سزا معطل ڪري ڇڏي، آزاد ڪرڻ جو حڪم، سائفر ڪيس آزادي ۾ رنڊڪ بڻجي ويو، خصوصي عدالت پاران اڄ عمران کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، تفصيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سزا معطلي خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي عدالت فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، عمران جي سزا معطلي خلاف اپيل منظور ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق پهريان زباني طور مختصر فيصلو ٻڌايو، جنهن ۾ چيو ته درخواست منظور ڪجي ٿي، عدالت عمران کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ عمران کي هڪ لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ٽرائل ڪورٽ پاران 3 سال قيد ۽ هڪ لک ڏنڊ جي سزا معطل ڪئي وڃي ٿي، عدالتي دائري اختيار ۽ ٻيا غور طلب معاملا سزا معطلي درخواست ۾ طئي نه پيا ڪيا وڃن، 8 صفحن تي ٻڌل فيصلي ۾ چيو ويو ته ٽرائل ڪورٽ اليڪشن ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن جي شڪايت تي سزا ٻڌائي، ٽرائل ڪورٽ پاران 5آگسٽ تي ڏنل سزا گهٽ وقت واري آهي، عدالت سمجهي ٿي ته درخواستگذار سزا معطلي ۽ ضمانت تي آزادي جو حقدار آهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي ڪيترن ئي فيصلن ۾ چئي چڪي آهي ته ضمانت ڏيڻ يا انڪار ڪرڻ هاءِ ڪورٽ جو صوابديد آهي ،هوڏانهن توشا خانه ڪيس ۾ سزا معطلي باوجود پي ٽي آءِ چيئرمين جي آزادي ۾ سائفر ڪيس رنڊڪ بڻجي ويو، سائفر ڪيس ۾ عمران اڳ ئي 30 آگسٽ تائين جوڊيشل رمانڊ تي آهي، سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل عدالت جي جج ابو الحسنات چيئرمين پي ٽي آءِ کي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪليو هو، عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين کي 30 آگسٽ تي طلب ڪيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان بابت هڪ خط سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم ڪيل عدالت جي جج پاران سامهون آيو، جنهن موجب 30 آگسٽ تائين عمران جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ ئي رهندو، اٽڪ جيل جي سپرينٽينڊنٽ کي اهو خط موڪليو ويو جنهن ۾ اهو به حڪم ڏنو ويو ته عمران کي اڄ اسپيشل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي، وزارت قانون موجب سائفر ڪيس جي ٻڌڻي اٽڪ جيل ۾ ئي ٿيندي، سيڪيورٽي خدشن سبب اهو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته شاهه محمود قريشي جوڊيشل ڪامپليڪس ۾ پيش ٿيندو.