اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ نئين توشا خانه ريفرنس ۾ به پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب توشاخانه ٽو ريفرنس ۾ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ان سلسلي ۾ عمران خان جو وڪيل سلمان صفدر ۽ ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ پيش ٿيا. ٻڌڻي دوران عدالت پڇاڻو ڪيو ته جن ٽن ڪسٽمز آفيسرن غلط قيمت لڳائي انهن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي؟ جنهن تي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته ڪسٽمز آفيسرن کان ڪوتاهي ٿي پر هو ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ نه هئا، جنهن مالي فائدو حاصل ڪيو اهو بينيفشري ڪرمنل مس ڪنڊڪٽ ۾ ملوث هو. پراسيڪيوٽر چيو ته بلغاري جيولري سيٽ کي غيرقانوني طور پاڻ وٽ رکيو ۽ توشا خانه ۾ جمع ئي نه ڪرايو ويو. ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر وڌيڪ چيو ته عدالت جيڪو به فيصلو ڪري پر ميڊيا ۾ اڳواٽ ئي ضمانت ٿي ويندي. جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته ميڊيا ۾ چيو ويندو آهي ته ڄاڻي واڻي بيمار ٿيو يا نه آيو، ميڊيا وارا جيڪڏهن تجسس نه پکيڙيندا ته سندن ڪاروبار ڪئين هلندو؟ بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ توشا خانه ٽو ڪيس ۾ به عمران خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي. عدالت پي ٽي آءِ باني کي 10، 10 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ۽ گڏوگڏ کيس ٽرائل ڪورٽ جي آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو. جاري ڪيل حڪمنامي ۾ چيو ويو ته ٽرائل دوران عدالت سان تعاون نه ڪيو ته ضمانت واپس ٿي سگهي ٿي، عمران کي خبردار ڪيو ٿو وڃي ته ضمانت جو غلط استعمال نه ڪري، ايئن ٿئي ته پراسيڪيوشن ضمانت واپس وٺڻ جي درخواست ڪري سگهي ٿي، حاضري کان ڇوٽ نه ملي ته عمران هر حاضري تي پيش ٿئي. جڏهن ته عمران جي وڪيل سلمان صفدر دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خلاف سمورا ڪيسز ختم ٿي چڪا آهن عدالتي آرڊر ملي ٿو وڃي ته آزادي لاءِ وينداسين. جڏهن ته عمران ضمانت ملڻ باوجود آزاد نه ٿي سگهندو، وڌيڪ 66 ڪيسز ۾ ضمانت گهربل آهي، اسلام آباد ۾ 16، پنجاب ۾ 9 مئي جي 8 ڪيسز سوڌو 50 ڪيسز ۾ ضمانت ناهي ٿي سگهي، اهڙيت اسلام آباد ۾ مجموعي طور 62 ۽ پنجاب ۾ 54 ڪيسز داخل آهن. پي ٽي آءِ باني خلاف لاهور ۾ داخل 9 مئي جي ٽن ڪيسن ۾ ضمانت رد ڪئي وئي هئي. ذريعن موجب، پي ٽي آءِ باني جي راولپنڊي ۾ داخل 9 مئي جي 14 ڪيسز ۾ ضمانت ملڻ باوجود ضمانتي مچلڪا جمع ناهن ڪرايا ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ باني خلاف راولپنڊي ۾ 28 سپٽيمبر ۽ 5 آڪٽوبر تي به دهشتگردي جا ڪيسز داخل آهن.
لاهور (م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ باني عمران خان کي سمورن ڪيسز ۾ عارضي ضمانت ڏيڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فاروق حيدر، عمران خان جي خلاف داخل ڪيسز جي تفصيلن بابت سندس ڀيڻ نورين نيازي طرفان داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
ٻڌڻي دوران وفاق ۽ پنجاب جي گهرو کاتي طرفان پي ٽي آءِ باني تي داخل ڪيسز جون رپورٽس عدالت ۾ پيش ڪيون ويون. عدالت کي ٻڌايو ويو ته عمران خان خلاف اسلام آباد پوليس طرفان 62 ڪيسز داخل ڪيا ويا آهن ۽ پنجاب جي حدن ۾ ڪيسز جو انگ 54 آهي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عمران خان کي سمورن ڪيسز ۾ عارضي ضمانت ڏيڻ جي استدعا ڪئي، جيڪا رد ڪئي وئي، عدالت سمورين رپورٽس جي روشني ۾ درخواست اڪلائي ڇڏي.