اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل هلندڙ سال اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيڻ جو ڪو به امڪان نه آهي، رجسٽرار آفيس رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ سزا خلاف اپيل هلندڙ سال مقرر ٿيڻ جو امڪان ناهي، نيشنل جوڊيشل پاليسي ميڪنگ ڪاميٽي جي فيصلن موجب پهريان ٻڌڻي هيٺ هلندڙ ڪيس ۽ اپيلون اڪلايون وينديون، هن وقت سزا آيل ڏوهارين جون 279 اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، پي ٽي آءِ باني 31 جنوري 2025ع تي اپيل داخل ڪرائي هئي.