عمران جيل ۾ اڪيلو، ملاقات ڏينهن هجڻ باوجود پهريون ڀيرو ڪير به ملڻ نه آيو

0
37
ڳالهين جو اڄ ٽيون دور: حڪومت قيدين جي فهرست ۽ عدالتي ڪميشن جا شرط گهري ورتا: لکت ۾ مطالبا ڏينداسين: پي ٽي آءِ
ڳالهين جو اڄ ٽيون دور: حڪومت قيدين جي فهرست ۽ عدالتي ڪميشن جا شرط گهري ورتا: لکت ۾ مطالبا ڏينداسين: پي ٽي آءِ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ مذاڪراتي ٽيم جي باني سان هيل تائين ملاقات نه ٿي سگهي، ڏيڍ سال ۾ پهريون ڀيرو ملاقات جو ڏينهن هجڻ باوجود عمران سان ملڻ لاءِ ڪو وڪيل، اڳواڻ يا گهرڀاتي نه پهتو، عمران خان ملاقات وارو ڏينهن هجڻ باوجود پورو ڏينهن اڪيلائي ۾ گذاريو. ڏيڍ سالن جي عرصي ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو، عمران سان ڪالهه  ملاقات وارو ڏينهن هو پر ڪير ملڻ نه آيو. اڱارو ۽ جمعو ملاقات جو ڏينهن هوندو آهي، اجازت ملڻ يا نه ملڻ باوجود پارٽي اڳواڻ ۽ وڪيل جيل پهچي ويندا هئا، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر عمر ايوب چيو آهي ته حڪومت پنهنجي ڳالهه تان ڦري وئي آهي، اسان کي چيو ويو ته جيل مينوئل ۾ باني سان ملاقات شامل ناهي، حڪومت واقعي اختيار رکي ٿي ته باني سان ملاقات ڪرائي وڃي، عمر ايوب جي هدايت تي وڪيل فيصل چوڌري ڪاميٽي جي باني سان ملاقات لاءِ جيل اختيارين کي درخواست ڏني هئي، درخواست تي هيل تائين ڪوبه جواب نه آيو.