لاهور (م ڊ) پي ٽي آءِ باني عمران خان نوَ مئي وارن ڪيسن ۾ ضمانت لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو. پي ٽي آءِ باني عمران خان نوَ مئي جي اٺن ڪيسن ۾ آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. عمران خان جناح هائوس حملو سميت ٻين ڪيسن ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 9 مئي تي هو اسلام آباد ۾ نيب جي حراست ۾ هو، سياسي انتقام لاءِ سازش جو الزام مڙهي ڪيسن ۾ نامزد ڪيو ويو آهي. درخواست ۾وڌيڪ چيو ويو آهي ته ٻن ورهين کان ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهيان، انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، ڪيسن ۾ ضمانت جون درخواستون منظور ڪيون وڃن.