اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فيض حميد جو ڪيس ڪٿي هلندو اهو اسان جو اختيار ناهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته عمران خان جو ڪيس فوجي عدالت ۾ موڪلڻ جو فيصلو پنجاب حڪومت ڪندي. هن چيو ته گڏيل اجلاس ۾ ڪا به آئيني ترميم نٿي اچي سگهي، ڪو به نئون ترميمي بل نه ٿو آڻي سگهجي، حڪومت جو ڪو سرپرائز قانونسازي ڪرڻ جو ارادو ناهي، ڪنهن به ميمبر جي پرائيويٽ بل جو حڪومت سان ڪو واسطو ناهي، حڪومتي ميمبرن جا سوين بل پهريان ئي موجود آهن. ان کان اڳ حڪومتي ميمبرن جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ واڌ بابت پڇيل سوال تي چيو ته قاضي فائز عيسيٰ جي مدي ۾ واڌ بابت في الحال ڪا تجويز غور هيٺ ناهي. چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ ٿيندي يا نه ان جو فيصلو مون کي ناهي ڪرڻو. اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) فيض حميد جو ڪيس ڪورٽ مارشل يا سول ڪورٽ ۾ ڪيس هلڻ متعلق سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو منهنجو دائري اختيار ناهي، البته ضرورت پئي ته عمران خان جو ڪيس فوجي عدالت ۾ موڪلڻ جو فيصلو پنجاب حڪومت ڪندي.