اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جو واضح نياپو اچڻ تائين حڪومت ساڻن ڳالهيون نٿي ڪري سگهي، بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته باني جي ڳالهه سموري پي ٽي آءِ جي ڳالهه هوندي آهي، اهي سڀ باني کان ئي هدايتون وٺندا آهن، جيستائين پي ٽي آءِ باني جو واضح پيغام نه ايندو، تيستائين حڪومت ڳالهيون نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ باني اسٽيبلشمينٽ جي پراڊڪٽ آهي، ڪڏهن ڪڏهن پراڊڪٽ پنهنجي اوقات وساري ڇڏيندي آهي.