اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالتي حڪم باوجود لاپتا عمر سلطان هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهيو، عدالت ڊي آءِ جي آپريشنز ۽ لاڳاپيل ايس پي کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق اسلام آباد پوليس ڪارڪردگي تي سوال اُٿاري ڇڏيا. باني تحريڪ انصاف جي سيڪيورٽي چيف عمر سلطان جي بازيابي لاءِ ان جي والد جي درخواست تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ڪئي، گذريل ٻڌڻي تي ايس ايس پي جي شعر ٻڌائڻ تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جڏهن ڏوهه ڪنٽرول نه ڪري سگهندا ته شعر شاعري ڪندا نه. اسلام آباد ۾ ڇا ٿي رهيو آهي؟ هر سيڪٽر مان ماڻهو کنيا پيا وڃن. چيف  جسٽس اسلام آباد پوليس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آءِ جي جي ڇا ذميواري هي؟ اسلام آباد ۾ چوريون، ڦرون وڌي رهي آهي. اغوا جي ڪيسز ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڪٿي آهي ايس ايس پي؟  ڪٿي آهي رپورٽ؟ عدالت چيو ته رپورٽ ائين عدالت ۾ جمع نه ڪرايو. درخواست ذريعي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي. عدالت ڊي آءِ جي پريشنز ۽ لاڳاپيل ايس پي کي طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 18 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.