اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ چيئرمين جي سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائل تي اسٽي آرڊر ۾ وڌيڪ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، عدالت هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي چيو ته ٻڌايو وڃي ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج جي مقرري لاءِ پهريون خط هاءِ ڪورٽ لکيو يا وزارت قانون جج جي مقرري تي پراسيس شروع ڪيو، جج پاران جيل ٽرائل کان هاءِ ڪورٽ کي آگاهه ڪيو ويو. هاءِ ڪورٽ ۾ عمران جي اپيل تي ٻڌڻي، پي ٽي آءِ وڪيل جيل ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعاڪئي، جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ڏنا ته پٽيشنر کي سيڪيورٽي ٿريٽس ته آهن، عدالت چيو ته اسان کي اڃا تائين پتو ناهي ته هن ڪيس ۾ چارج ڇا آهي؟ اسان صرف جيل ۾ ٽرائل ۽ جج جي مقرري واري معاملي تي قانوني نقطو ڏسي رهيا آهيون، پبلڪ کي عدالتي ڪارروائي کان ٻاهر رکڻ جج جو اختيار آهي، اٽارني جنرل چئي رهيو آهي ته جج پاران پبلڪ کي ٻاهر رکڻ جو آرڊر ناهي، جنهن ڪري اوپن ٽرائل تصور ڪيو ويندو.