لاهور (م ڊ) 9 مئي بابت 8 ڪيسز ۾ پي ٽي آءِ باني جون ضمانت درخواستون رد ٿي ويون، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شهباز رضوي جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ پي ٽي آءِ باني جي ضمانت درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، فيصلو سامهون اچڻ بعد پي ٽي آءِ جي وڪيلن ڪورٽ ۾ احتجاج ڪيو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته 9 مئي جي 8 ڪيسز ۾ ضمانت ممڪن هئي، عدليه دٻاءَ ۾ اچي فيصلو انهن جي مرضي موجب ٻڌايو، ڪمليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر چيو ته عدالتن مايوس ڪيو،الله مان اميد آهي، پي ٽي آءِ باني کي ڪٿان ته ضرور انصاف ملندو.