اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) پنجاب جي صدر، اڳوڻي گهرو وزير رانا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالتي نظام جي ”لاڏلي“ کي ٻاهر وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جاري ڪيل بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته عالمي انصاف جي عدالت وڃڻ جو مطلب پاڪستان کي عالمي ڪٽهڙي ۾ مجرم بڻائي بيهارڻ آهي، اهو مڪروهه ڪم صرف ملڪ دشمن ۽ انهن جا ڪارندا ئي ڪري سگهن ٿا، هن چيو ته دهشتگردن کي پاڪستان واپس آڻڻ، آزاد ڪرائڻ ۽ آباد ڪرائڻ وارا هاڻي دهشتگردن کي نئون رستو ڏيکاري رهيا آهن، هن عمران خان جو نالو کڻڻ کانسواءِ چيو ته جن جو ماڻهو آهي اهي ئي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، پهريان هيرو بڻايو، فارين فنڊنگ ڪئي، اقتدار ڏياريو، اقتدار ۾ آڻي پاڪستان جي معيشت، پرڏيهي تعلقات تباهه ڪيا، مهانگائي سان گهرو ويڙهه جو رستو هموار ڪيو، ڪٺ پتلي کي پاڪستان جي عالمي بدنامي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، عمران نيازي تي پيسا ڪير خرچ ڪري رهيو آهي؟