لاهور: (م ڊ) پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبرن پي ٽي آءِ باني عمران خان کي منشيات فروش قرار ڏئي ڇڏيو. پنجاب اسيمبلي جو اجلاس شروع ٿيو ته حج جي دوران فوت ٿيلن جي فاتحه خواني ڪئي وئي، اپوزيشن ميمبرن رانا آفتاب ميمبرن کي زڪوات فنڊز مان دوائون ڏيڻ جو معاملو اٿاريو، جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر انهي جي نقطه اعتراض کي تحريڪ استحقاق ۾ تبديل ڪري اسپيشل ڪميٽي نمبر ون جي حوالي ڪري ڇڏيو. حڪومتي ميمبر بلال ياسين قيدي نمبر 804 کي منشيات فروش چيو ته گوڙ شروع ٿي ويو جڏهن ته صوبائي وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان ڪاوڙ ۾ جواب ڏنو ته پي ٽي آءِ باني کي اسان جيل نه اماڻيو آهي، انهي کي پنهنجن ڪرتوتن جي سزا ملي آهي. جيستائين معافي  نه گهرندو ٻاهر نه ايندو، هن وقت به بهتر ماحول آهي معافي گهري وٺي. بجيٽ تي عام بحث دوران اپوزيشن ميمبر رانا اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ پوليس جي ڇاپن کان بچڻ لاءِ پاڻ سان گڏ کدڙا فقير رکن. رانا اورنگزيب جي اهڙي جملي تي ايوان ۾ ٽهڪڙا لڳي ويا. ٻئي پاسي پينل آف چيئرمين سميع الله خان پي ٽي آءِ ميمبر شير شاهد جاويد کي مريم نواز جي ذات تي تنقيد کان روڪي ڇڏيو. ايجنڊا مڪمل ٿيڻ تي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 24 جون صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.