اسلام آباد(بيورو رپورٽ) باني تحريڪ انصاف، فيصل واوڊا، شيخ رشيد، صداق عباسي ۽ ٻين خلاف ٿاڻي آبپاره ۾ ايمپلي فائر ايڪٽ ۽ قلم 144 جي خلاف ورزي تي ڪيس ۾ جوڊيشل مئجسٽريٽ ياسر محمود چوڌري باني تحريڪ انصاف سميت ٻين جي بريت واري درخواست تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. جاري ڪيل فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيس جو ٽرائل هلايو وڃي ها تڏهن به سزا جو امڪان نه هيو. پراسيڪيوشن موقف اختيار ڪيو ته 1000 کان 12 سو ماڻهن پوليس تي حملو ڪيو. عدالت پاران دلچسپ ڳالهه نوٽ ڪئي وئي ته 1000 کان 1200 ماڻهن جي حملي ۾ هڪ به پوليس اهلڪار زخمي ناهي ٿيو. پراسيڪيوشن پاران پيش ڪيل ڪهاڻي شڪي آهي. باني تحريڪ انصاف، فيصل واووڊا، شيخ رشيد سميت سمورن جوابدار کي بري ڪيو وڃي ٿو. لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته باني تحريڪ انصاف ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ناهي ته کيس آزاد ڪيو وڃي.