پشاور/راولپنڊي(م ڊ) خيبر پختونخوا حڪومت جي صلاحڪار بئريسٽر سيف دعويٰ ڪئي آهي ته عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي سحري ۽ افطاري ۾ ڪجهه نه پيو ڏنو وڃي. پنهنجي بيان ۾ بئريسٽر سيف چيو ته عمران خان سان ملاقاتن تي پابندي کيس رمضان المبارڪ ۾ اذيت ڏيڻ آهي، اطلاع آهن ۽ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي کي ڪجهه نه پيو ڏنو وڃي ۽ نيراني روزا رکي رهيا آهن. هن چيو ته جعلي حڪومت هڪ قيدي کان ڊنل آهي، ملاقاتن تي پابندي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي آهي، عدالت کي 26هين آئيني ترميم جون زنجيرون ٽوڙي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجيپاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا چيو آهي ته مخالف ڌر جي اتحاد بابت پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان به عمران خان ڪجهه هدايتون ڏنيون آهن، جيڪي مان هن تائين تائين پهچائيندس. اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان اڪرم راجا چيو ته عمران خان جي صحت بابت ڪيترائي افواهه پکيڙيا ويا، پر معمول جي طبي معائني کانپوءِ پتو پيو ته هو بلڪل ٺيڪ آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي سحري نه ڏيڻ ۽ عبادت کان روڪڻ جون خبرون به بي بنياد آهن.