اسلام آباد(بيورو رپورٽ) گهرو وزارت ۽ اسلام آباد پوليس چيئرمين تحريڪ انصاف جي اليڪشن ڪميشن۾ پيشي سيڪيورٽي رسڪ قرار ڏئي ڇڏي. ان حوالي سان گهرو وزارت ۽ اسلام آباد پوليس طرفان اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويو ته عمران خان کي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ڪرڻ سيڪيورٽي رسڪ آهي. واضع رهي ته اليڪشن ڪميشن چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان کي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ اڄ ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.