نوشهره (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته عمران خان اميرن جو ساٿي هو، پي ٽي آءِ ارا چورن لٽيرن کي اڳتي آڻيندا هئا. نوشهره ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پرويز خٽڪ چيو ته مخالف ٻڌي ڇڏين ته انهن جو انجام تمام برو ٿيڻ وارو آهي. ساڍا ٽي سال اسان پي ٽي آءِ جا سمورا ڊراما ڏٺا، اتي ڪنهن جي عزت نه ٿي ڪئي وئي. هن وڌيڪ چيو ته مون ساڍا ٽي سال گھڻو ڪجهه برداشت ڪيو آهي. تحريڪ انصاف واران چورن کي اڳتي آنيندا هئا. عمران خان اميرن جو ساٿي هو اسان جي هڪ نه ٻڌندو هو.