لاهور(شوبز نيوز) مشهور ٽڪ ٽاڪر ۽ اينڪر سجل ملڪ مشهور اداڪار عمران اشرف سان لاڳاپن جو انڪشاف ڪيو آهي. پوڊڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جون مائرون پاڻ ۾ ڪزن آهن، عمران سان خانداني مائٽي آهي. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان خانداني تقريبن ۾ اڪثر شريڪ ٿيندا رهندا آهيون. مون پنهنجي ڪيريئر لاءِ ان لاڳاپي کي استعمال نه ڪيو آهي. هن چيوته عمران سان ڪڏهن ذاتي طور نه ملي آهيان هڪ ڀيرو ڪريريئر شروع ڪرڻ کان اڳ ساڻس انسٽاگرام تي رابطي جي ڪوشش ڪئي هئي. پر اهو رابطو ڪٽجي ويو. اداڪار بڻجڻ پئي چاهيم پر اينڪر بڻجي ويس.