اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين جي مستقبل جي حڪمت عملي تي اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس هن هفتي منعقد ٿيندو. ملڪ جي مستقبل سبب عمران خان جا ڳالهين لاءِ در کليل آهن. صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جو باني هر قسم جي ڳالهين لاءِ تيار آهن. مستقبل جي ڳالهين متعلق معاملا عوامي سطح تي بحث هيٺ نه آڻبا آهن، هي هڪ سنجيده معاملو آهي، ان لاءِ خاص سنجيدگي طرز عمل گهرجي. اسين اجلاس ۾ هن معاملي تي سنجيدگي سان بحث ڪنداسين. اسان صلاح مشوري ذريعي ڳالهين جو رستو ڳولينداسين. هن چيو ته جيستائين رستو نٿو نڪري ملڪ جا مسئلا ختم نه ٿيندا. اهڙو رستو اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪو سياسي عدم استحڪام کي ختم ڪري. هاڻي اسان کي ڳالهين ذريعي ملڪ لاءِ رستو ڳولڻو پوندو. حڪمت عملي آئين جي اصولن ۽ قانون جي حڪمراني جي اندر طئي ٿيڻ گهرجي. ملڪ هاڻي موجوده صورتحال کي برداشت نٿو ڪري سگهي.