عمران آمريڪا ذريعي اقتدار ۾ اچڻ چاهي ٿو، ڪوبه پرڏيهي هٿ مدد لاءِ آيو ته ٽوڙي ڇڏينداسين: خواجا آصف

0
35
عمران خان کي بني گالا منتقل ڪرڻ جي ڪنهن به آڇ ناهي ڪئي: خواجه آصف
عمران خان کي بني گالا منتقل ڪرڻ جي ڪنهن به آڇ ناهي ڪئي: خواجه آصف

لنڊن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) بچاءُ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران آمريڪا جي ڪلهن تي چڙهي اقتدار۾ اچڻ چاهي ٿو، ڪوبه پرڏيهي هٿ پي ٽي آءِ جي مدد لاءِ آيو ته ٽوڙي ڇڏينداسين. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي خواجا آصف چيو ته جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ جي محبت ۾ چريا ٿي ويا آهن، انهن کي ماضي ڏسڻ گهرجي، پي ٽي آءِ باني پاڻ اسٽيبلشمينٽ جي پيداوار آهي ۽ هاڻ آمريڪا جي مدد سان اقتدار چاهي ٿو. جيڪڏهن ڪابه پرڏيهي طاقت پي ٽي آءِ جي مدد ڪرڻ آئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿو هن چيو ته 9 مئي انتهائي حساس معاملو هو فوري فيصلن جي ضرورت هئي پرعدليه وڏي رڪاوٽ هئي، هن چيو ته 9 مئي تي منصوبابندي تحت حملا ڪيا ويا، حملا ڪندڙ تربيت يافته هئا، ڏيڍ سال کان اهو معاملو ٽنگيل رهيو، 9 مئي جي ذميوارن کي انجام تي پهچائڻ جو معاملو عدليا سبب دير جو شڪار ٿيو. هاڻ سزائون ملڻ شروع ٿي ويون آهن، 25 جوابدارن کي سزا ملي آهي ٻيا به بچي نه سگهندا. خواجا آصف چيو ته 9 مئي تي رٿابندي تحت دفاعي هنڌن تي حملا ڪيا ويا، هندستان به ائين چڙهائي نه ڪئي هئي جيئن هنن ماڻهن ڪئي، هن چيو ته عمران ۽ ٻين جو مطالبو هو وڊيوز جاري ڪيون وڃن، جوابدارن کي سزا ملڻ بعد شڪليون سامهون اچي ويون آهن. بچاءُ واري وزير چيو ته فوجي عدالتن مان جوابدارن کي سزا ملڻ انتهائي وڏو قدم آهي، جيڪو اسان کڻي ورتو آهي، هاڻ سياست کي اهڙن ملڪ دشمنن کان هميشه لاءِ پاڪ ڪرڻو پوندو.