اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي قانونن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ چيئرمين پاران سپريم ڪورٽ ۾ ترميمي قانونن خلاف آئيني درخواست داخل ڪرائي وئي، درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته آئيني درخواست تي فيصلو اچڻ تائين آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميمي قانونن کي معطل ڪيو وڃي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۾ ترميمن وارن بلن تي صحيحون نه ڪيون آهن، درخواست ۾ صدر، سيڪريٽري قومي اسيمبلي ۽ قانون ۽ گهرو وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو ته آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي ايڪٽ بنيادي انساني حقن خلاف آهن، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت ڳجهي ادارن کي بنا وارنٽ تلاشي جو اختيار ڏيڻ غير آئيني آهي.