اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت منظور ۽ ڪيس خارج خارج ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين جون ٻئي درخواستون رد ڪري ڇڏيون. فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جوڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل ۾ آهي ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت به پي ٽي آءِ چيئرمين جي ضمانت درخواست رد ڪري ڇڏي هئي. بعد ۾ چيف جسٽس عامر فاروق جي عدالت مان جاري ٿيل لکت واري فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته بادي النظر ۾ ڪيس ۾ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جو سيڪشن فائيو لاڳو ٿئي ٿو، پراسيڪيوشن جو ڪيس آهي، پرڏيهي وزارت سائفر کي ڊي ڪوڊ ڪري پرائم منسٽري سيڪريٽريٽ کي اماڻي ڇڏيو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين وزيراعظم طور سائفر کي وصول ڪيو ۽ گم ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزارت جي اڳوڻن ۽ هاڻوڪن آفيسرن خاص طور سائفر اماڻيندڙ اسد مجيد جا بيان رڪارڊ تي آهن، پرڏيهي آفيس جي آفيسرن جي بيانن مان واضح آهي ته ان ۾ ڪا غير ملڪي سازش شامل نه آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين ڪيس ۾ هڪ شريڪ جوابدار آهي، صرف هڪ شريڪ جوابدار جي حد تائين ايف آءِ آر ڪالعدم قرار نٿي ڏئي سگھجي، پراسيڪيوشن موجب سائيفر پي ٽي ءِ چيئرمين جي قبضي ۾ آهي، بنا شڪ ۽ شبهي جي سندس خلاف سمورا دستاويز موجود آهن، سنگين نوعيت جي الزامن تي ضمانت نٿي ٺهي، بادي النظر ۾ جوابدار جو ڪيس سان تعلق ٺهي ٿو، عدالت ۾ پيش ڪيل دستاويزن موجب پرڏيهي آفيس جي پاليسي واضح آهي، سائيفر کي ڪجهه وقت کان پوءِ فارن آفيس وڃڻو هوندو آهي. وڪيل موجب پي ٽي آءِ چيئرمين پابند هو ته اهو حڪومت ڪيرائڻ لاءِ غير ملڪي سازش کان عوام کي آگاهه ڪري ها. ان کان اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي خلاف استغاثا جي شاهدن جا بيان قلمبند نه ٿي سگهيا، جنهن ڪري ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وئي. اسلام آباد جي خاص عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي ڪئي. پراسيڪيوٽر شاهه خاور ۽ بيرسٽر سلمان صفدر کان سواءِ ٻيا شاهد پيش ٿيا، استغاثا جا پنج شاهد به پيش ٿيا. وڪيلن شاهدن جا بيان قلمبند نه ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ آبزرويشن ڏني آهي، تحريري فيصلو اچڻ تائين شاهدن جا بيان رڪارڊ نه ڪياوڃن.