راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان سميت نامزد سڀني جوابدارن جي ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جوابدارن کي ٻاهرين ملڪ وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ڊي جي اميگريشن کي خط موڪلي ڇڏيو، جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي ٻاهرين ملڪ روانگي عدالت جي اجازت سان مشروط آهي. جوابدارن جي ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي دهشتگردي روڪ ايڪٽ جي قلم 28 اي تحت لڳائي وئي آهي. جي ايچ ڪيو حملي ڪيس ۾ عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ عمر ايوب، شبلي فراز، شهباز گل، مراد سعيد، حماد اظهر، زلفي بخاري، صداقت عباسي، راجا بشارت ۽ ٻيا نامزد آهن.