عمران، بشريٰ، گوهر، مراد سعيد سوڌو 96 جوابدارن جا وارنٽ جاري: عمران خان7 نون ڪيسن ۾ گرفتار

0
36
عمران، بشريٰ، گوهر، مراد سعيد سوڌو 96 جوابدارن جا وارنٽ جاري: باني 7 نون ڪيسن ۾ گرفتار
عمران، بشريٰ، گوهر، مراد سعيد سوڌو 96 جوابدارن جا وارنٽ جاري: باني 7 نون ڪيسن ۾ گرفتار

اسلام آباد/ راولپنڊي (بيورو رپورٽ + م ڊ) راولپنڊي پوليس پي ٽي آءِ باني کي 7 نوَن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ورتو، پي ٽي آءِ باني خلاف 28 سيپٽمبر جي احتجاج ڪيس جي ٻڌڻي اڊيالا جيل ۾ ٿي، پوليس پي ٽي آءِ باني کي ڇهن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ بعد عدالت آڏو پيش ڪيو، پراسيڪيوشن ٽيم طرفان پي ٽي آءِ باني جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي استدعا نه ڪئي وئي، عدالت پي ٽي آءِ باني کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، راولپنڊي پوليس 7 نوَن ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ باني جي گرفتاري شامل ڪري ڇڏي، 24 نومبر تي اسلام آباد جي احتجاج جي ڪال ڏيڻ تي پي ٽي آءِ باني خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. هوڏانهن اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊي چوڪ تي احتجاج سبب پي ٽي آءِ باني سميت ٻين جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، بشريٰ بي بي، بئرسٽر گوهر، سلمان اڪرم راجا، شير افضل مروت، ذلفي بخاري، مرا سعيد، رئوف حسن، عمر ايوب، فيصل جاويد جا به گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا، علي زمان، شعيب شاهين، علي بخاري، پير مصور، راشد ٽيپو جا به وارنٽ جاري ڪيا ويا، ڪوهسار ٿاڻي جي پوليس ڪيس ۾96 جوابدارن جا گرفتاري وارنٽ حاصل ڪيا.