لاهور (م ڊ) 9مئي جي 8 ڪيسز ۾ باني پي ٽي آءِ جي ضمانت جي درخواست رد ڪئي وئي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت عمران جي درخواست تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جناح هائوس، عسڪري ٽاور حملو سميت 8 ڪيسز ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي وئي هئي. هوڏانهن اسلام آباد ۾ احتجاج کانپوءِ مختلف ٿاڻن تي عمران، بشريٰ، گنڊاپور ۽ ٻين اڳواڻن خلاف دهشتگردي سميت وڌيڪ 8 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، شهزاد ٽائون، سهالا، بني گالا، کنه، شمس ڪالوني، ترنول، نون، نيلور ٿاڻن تي ڪيس داخل ڪيا ويا، سلمان اڪرم راجا، شيخ وقاص کي به نامزد ڪيو ويو. ٻه ڏانهن اڳ داخل ڪيل ڪيسن ۾ عارف علوي، عمر ايوب، اعظم سواتي ۽ ٻين کي به نامزد ڪيو ويو هو.