اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران رينجرز اهلڪارن جي شهادت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اسلام آباد جي رمنا ٿاڻي تي سنڌ رينجرز جي اهلڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير علي امين گنڊاپور، عمر ايوب، سلمان اڪرم راجا، مراد سعيد، ذولفي بخاري ۽ ٻيا پي ٽي آءِ اڳواڻ جوابدار نامزد ڪيا ويا، ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي چُرچ تي رينجرز اهلڪارن جي شهادت جو واقعو پيش آيو، اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت جي ملاقاتن ۾ اهو منصوبو جوڙيو ويو، جيل جا ڪجهه قيدي ۽ ڳجهي پوليس جا ملازم منصوبي جا شاهد آهن، بشريٰ بي بي ۽ ٻين جوابدارن وڊيو بيانن ذريعي عوام کي ڀڙڪايو، پي ٽي آءِ قيادت عوام کي فوج ۽ حڪومت خلاف بغاوت تي ڀڙڪايو، جنهن جي نتيجي ۾ رينجرز اهلڪارن جي شهادت جو واقعو پيش آيو.