عمران، بشريٰ، گنڊاپور، عليمه، عمر ايوب سوڌو 345 ڄڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل

0
33
عمران، بشريٰ، گنڊاپور، عليمه، عمر ايوب سوڌو 345 ڄڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل
عمران، بشريٰ، گنڊاپور، عليمه، عمر ايوب سوڌو 345 ڄڻن تي دهشتگردي جا ڪيس داخل

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي گذريل ڏينهن جي احتجاج تي راولپنڊي ۽ فيصل آباد ۾ پي ٽي آءِ جي اعليٰ قيادت تي ڪيس داخل ڪيا ويا، راولپندي ۾ دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني،  سندس گهرواري بشريٰ بي بي، سندس ڀيڻ عليمه خان، علي امين گنڊاپور ۽ ٻيا اڳواڻ نامزد ڪيا ويا، مظاهرين تي سرڪاري ۽ خانگي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۽ جٿا گڏ ڪري روڊ بند ڪرڻ جو الزام آهي، ڪيس ۾ عارف علوي، عمر ايوب، اعظم سواتي، تيمور مسعود ۽ شهريار رياض سميت 300 کان وڌيڪ مقامي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به نامزد ڪيا ويا آهن، ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني اڊيالا جيل مان پارٽي اڳواڻن کي اسلام آباد چڙهائي جو منصوبو ڏنو، فيصل آباد جي ٿاڻي غلام محمد آباد تي به پي ٽي آءِ باني سميت 45 ڄڻن تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس موجب ڪيس ۾ دهشتگردي سميت 13 قلم شامل ڪيا ويا آهن، پوليس جو چوڻ آهي ته ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ، پوليس تي حملي سميت ٻين الزامن هيٺ 35 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.