اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي ميمبر نثار دراني جي سربراهيءَ ۾ چار رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي وڪيل شعيب شاهين چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جيل ٽرائل متعلق فيصلو ڏنو آهي. ٽرائل ڪورٽ چيئرمين تحريڪ انصاف کي اوپن ڪورٽ لاءِ طلب به ڪري ورتو آهي. ميمبر اليڪشن ڪميشن جو چوڻ هو ته هي جيل ۾ پهريون ٽرائل ناهي، ولي خان جو به جيل ۾ ٽرائل ٿيو، جنهن تي وڪيل شعيب شاهين چيو ته ولي خان وارو ٽرائل ڪنهن به قبول نه ڪيو. وڪيل فيصل چوڌري چيو ته فواد چوڌري جيل ۾ آهي، حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، اسد عمر جي وڪيل به حاضري کان ڇوٽ گهري،  جنهن بعد ميمبر اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي مامرو نبيري ويندو.