لاهور (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر عماد وسيم عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو. عماد وسيم سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي لکيو ته وڏي سوچ ويچار کانپوءِ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ منهنجي زندگي جو سڀ کان وڏو اعزاز آهي. هن پنهنجي پوسٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته مان ڊوميسٽڪ ۽ فرنچائز ڪرڪيٽ ۾ پنهنجو سفر جاري رکندس. واضح رهي ته عماد وسيم ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کان اڳ رٽائرمينٽ واپس ورتي هئي، هن 55 ون ڊي ۽ 75 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.